مس يونيورس هرناز سنڌو خلاف ڀارتي اداڪارا جو عدالت سان رابطو

ڀارتي اداڪارا ۽ پروڊيوسر اپاسنا سنگهه مس يونيورس هرناز ڪور سنڌو خلاف پنجابي فلم جو ڪانٽريڪٽ ٽوڙڻ تي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

اپاسنا سنگهه جو چوڻ آهي ته هن هرناز سنڌو کي مس يونيورس ٿيڻ کان اڳ پنهنجي فلم ” ڀائي جي ڪٽان گي “ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو، پر جڏهن هوءَ مس يونيورس بڻجي وئي آهي ته ڪانٽريڪٽ موجب فلم پروموشن لاءِ وقت نه پئي ڏئي.

اپاسنا سنگهه طرفان چنديگڙهه جي عدالت ۾ هرناز سنڌو خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته هرناز سنڌو ساڻس فلم جو ڪانٽريڪٽ سائن ڪيو هو پر هاڻ هوءَ ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي فلم جي پروموشن لاءِوقت نه پئي ڏئي .

ياد رهي ته هرناز سنڌو ڊسمبر 2021ع ۾ مس يونيورس جو مقابلو کٽيو هو، کائنس پهرين سُشميتا سين، لارا دتا مس يونيورس جو خطاب کٽي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.