راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته 13 پارٽين عمران خان ۽ ان جي پارٽي پي ٽي آءِ کي هدف بڻايو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته حڪومتي اتحاد جو مسئلا حل ڪرڻ بدران عمران خان کي نااهل ڪرائڻ تي زور آهي، حڪومتي اتحاد مسئلن جي حل بدران ڪيسن ۽ گرفتارين تي زور ڏئي رهيو آهي.
حکومتی اتحاد نہ عوام میں جانے،نہ الیکشن کرانے،نہ مسائل حل کرنے کے قابل ہے۔ 13 پارٹیوں نے عمران خان اور اسکی پارٹی کو حدف بنایا ہوا ہے، انہوں نے 100پریس کانفرنسوں کا عالمی ریکارڈ قائم کیا ہے۔الیکشن کمیشن کا بھونڈا فیصلہ سپریم کورٹ میں جانے کے ساتھ ہی نیست ونابود اور دفن ہو جائے گا
— Sheikh Rashid Ahmed (@ShkhRasheed) August 4, 2022
هن چيو ته نواز شريف ۽ فضل الرحمان انتقام جي باهه تي پيٽرول هاري رهيا آهن، پ پ خاموش تماشائي بڻيل آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومتي اتحاد نه عوام ۾ وڃڻ، نه چونڊون ڪرائڻ ۽ نه مسئلن حل ڪرڻ جي لائق آهي.