ٽڪ ٽاڪ تي وائرل ٿيڻ جو شوق، همراهه کي گولي لڳي وئي

لاهور  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهيندي نوجوان حادثاتي طور ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

رپورٽ موجب اهو واقعو لاهور جي اي ايم سي سوسائيٽي ۾ پيش آيو آهي. نوجوان جو نالو غلام الله جڏهن ته سندس عمر 18 سال ٻڌائي پئي وڃي.

وڊيو ٺاهيندي حادثاتي طور گولي ڇٽي وئي جيڪا نوجوان جي ڄنگهه ۾ لڳي.

هن وڊيو ٺاهڻ لاءِ سيڪيورٽي گارڊ کان پسٽل ورتو هو.

نوجوان جو ڪزن موقعي تي موجود هيو جنهن فوري طور تي کيس جناح اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس علاج هلندڙ آهي، ڊاڪٽرن موجب نوجوان خطري کان ٻاهر آهي.

گذريل سال اهڙو ئي واقعو سنڌ جي ضلعي مٽياري جي شهر ڀٽ شاهه ۾ ٿيو هو جنهن ۾ 14 سالن جو طحيٰ راجپوت نالي نوجوان ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهيندي گولي لڳڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

طحيٰ راجپوت جڏهن پسٽل سان وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هو ڪمري ۾ اڪيلو هيو گوليءَ جو آواز ٻڌي جڏهن گهر وارا ڪمري ۾ ويا ته ان وقت هو رتورت هيو ۽ ڪجهه ئي دير ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.