رضا رباني جو عمران خان خلاف 62 ون ايف، ٻين اڳواڻن خلاف فوجداري ڪارروائي جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف 62 ون ايف تحت ڏسڻ گهرجي، فنڊ مئنيجمينٽ ۾ ملوث 8 اڳواڻن خلاف فوجداري ضابطي تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي رضا رباني چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس پي ٽي آءِ جي باني ميمبر داخل ڪيو هو، 8 سالن کانپوءِ ان ڪيس جو فيصلو سامهون آيو آهي، پي ٽي آءِ لاءِ آمريڪي غلامي نامنظور پر آمريڪي فنڊنگ منظور؟

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ کي پابندي پيل فنڊنگ ٿي، پي ٽي آءِ جي ذريعن ۾ پرڏيهي شهري ۽ ڪمپنيون شامل هيون، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب اڪائونٽ ظاهر نه ڪيا ويا، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

اڳوڻي سينيٽ چيئرمين گذريل حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سي پيڪ منصوبي کي ڄاڻي واڻي پوئتي ڪيو ويو، گوادر پورٽ کي ڄاڻي واڻي روڪيو ويو، ڀارت ڪشمير جو درجو ختم ڪيو، حڪومت جو ردعمل رڳو جمعي جي ڏينهن بيهڻ تائين محدود هو.

سندس چوڻ هو ته اهي سخت الزام آهن، حڪومت سنجيدگيءَ سان سپريم ڪورٽ کي ڊڪليريشن موڪلڻ جي حوالي سان فيصلو ڪري، عمران خان خلاف 62 ايف ون، ٻين اڳواڻن خلاف فوجداري ڪارروائي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.