ون پلس جو ”10 سيريز“ کان به طاقتور فون تيار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني موبائيل ڪمپني ”ون پلس“ پنهنجي مشهور ”10“ سيريز جو سڀ کان طاقتور فون 10 ٽي پيش ڪيو آهي.

ڪمپني پهريون ڀيرو فون ۾ ٿري ڊي ڪولنگ (ٿڌڪار) ٽيڪنالوجي کي متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته فون گرم نه ٿيندو.

ان کانسواءِ فون ۾ چپ ۽ آپريٽنگ سسٽم سميت ڪيمرا جي ٽيڪنالوجي کي به اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، تڏهن به حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته بيٽري ننڍي آهي.

ون پلس 10 ٽي ۾ 6-7 انچ جي اوليڊ اسڪرين ڏني وئي آهي ۽ ان ۾ به جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي ان جي رنگن کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي.

ان ۾ اسنيپ ڊريگن 8 پلس جنريشن ون جي چپ وڌل آهي جڏهن ته اينڊرائڊ 12 سان گڏ آڪسيجن او ايس 12-1 جو آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي.

10ٽي جي پٺيان 3 ڪيمرا لڳل آهن جنهن ۾ مک ڪيمرا 50 ميگا پڪسلز جو آهي ۽ هن ڀيري به فون جي ڪيمرا ۾ جاپاني ڪمپني سوني جي ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويندو آهي.

فون جي پٺيان وارو ڪيمرا 8 جڏهن ته ٽيون 2 ميگا پڪسلز جو آهي، سيلفي وارو ڪيمرا 16 ميگا پڪسلز جو آهي.

ون پلس پنهنجي فون سان ننڍي بيٽري 4800 ايم ايچ ڏني آهي ۽ ان سان گڏ 160 واٽ جو چارجر ڏنو ويو آهي پر ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته بيٽري ۾ اپگريڊ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو  ويو آهي.

ڪمپني پنهنجي فون کي 2 مختلف ماڊلز جن ۾ هڪ 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته ٻيو 128 ۽ 256 جي بي ميموري سان پيش ڪيو  ويو آهي.

ٽن خوبصورت رنگن ۾ پيش ٿيڻ واري فون کي  پهريون آمريڪا ۽ يورپ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، گڏوگڏ ڪجهه وڏين مارڪيٽن ۾ پڻ پيش ڪيو ويو آهي.

ان فون کي جلد پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ متعارف ڪيو ويندو ۽ هن وقت ان کي 8 جي بي ريم جي ماڊل جو ملهه پاڪستاني ڏيڍ لک رپيا جڏهن ته 12 جي بي ماڊل جو ملهه پاڪستاني هڪ لک 75 هزار  رپيا رکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.