دنيا جو سڀ کان هلڪو ليپ ٽاپ اچي ويو، آءِ پيڊ کان به گهٽ وزن !

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) دنيا جو سڀ کان هلڪو ليپ ٽاپ متعارف ڪيو ويو آهي.

جاپاني ڪمپني Fujitsu پاران ڊبليو ايڪس جي 2 نالي ليپ ٽاپ متعارف ڪيو ويو آهي جنهن جو وزن چارجر کانسواءِ 634 گرام آهي.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته ليپ ٽاپ جو وزن آءِ پيڊ پرو 12.9 ٽيبليٽ کان به گهٽ آهي جنهن جو وزن 682 گرام آهي.

ان ليپ ٽاپ ۾ 12 جنريشن انٽيل ڪورپراسيسر موجود هوندو جڏهن ته 8، 16 يا 32 جي بي ريم جا آپشن به موجود هوندا.

اهڙي طرح 256 کان 2 ٽي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن سان ايڪسٽرنل آپٽيڪل ڊرائيو جا آپشن به ڏنا ويا آهن.

ليپ ٽاپ ۾ 13.3 انچ جو فل ايچ ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايچ ڊي ويب ڪيم ۾ پرائيويسي شٽر به موجود آهي.

ليپ ٽاپ جو وزن ته نه هئڻ برابر آهي پر پورٽس جي انگ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي، هڪ ڪارڊ ريڊ پورٽ سان گڏ 3 يو ايس بي پورٽس، هڪ ايچ ڊي ايم آءِ پورٽ، هڪ گيگا بائيٽ ايٿرنيٽ پورٽ ڊوائيس جو حصو آهن.

پاور بٽڻ ۾ ئي فنگر پرنٽ ريڊر به لڪيل آهي، جڏهن ته WHr25 بيٽري به ڏنل آهي ۽ ڪمپني موجب بيٽري هڪ چارج ۾ 11 ڪلاڪن تائين هلي سگهي ٿي.

هي ليپ ٽاپ رڳو جاپان ۾ موجود آهي جنهن جو ملهه 3 لک ين رکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.