وفاقي حڪومت جو پي ٽي آءِ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڊڪليريشن موڪلڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا فارن فنڊنگ جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي قيادت خلاف پوليٽيڪل آرڊر 2002 تحت ڪارروائي ڪرڻ ۽ ڊڪليريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ ٻي قيادت جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري نه ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير ۽ حڪومتي قانوني ٽيم ڪابينا کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي بريفنگ ڏني.

ذريعن موجب ان دوران وزيراعظم جي هدايت تي قانون واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کانسواءِ سڀني بيورو ڪريٽس کي اجلاس کان ٻاهر موڪليو ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا فنڊنگ جي معاملي تي پي ٽي آءِ قيادت خلاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، جلد ڊڪليريشن تيار ڪري سپريم ڪورٽ موڪلي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.