” شعيب ملڪ جي ايشيا ڪپ اسڪواڊ مان نيڪالي سمجهه کان ٻاهر آهي“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ميزبان شائسته لوڌي پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ کي ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جو حصو نه بڻائڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪئي آهي.

شائسته لوڌي گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته شعيب ملڪ جو 2021 وارو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ بهترين رهيو.

هن چيو ته شعيب پاڪستان سپر ليگ جي ستين سيزن جي 11 اننگز ۾ 3 سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، گڏيل عرب رياستن جي ڪنڊيشنز ۽ پاڪستان جي مڊل آرڊر جا مسئلا ڏسندي شعيب ملڪ کي ايشيا ڪپ 2022ع ۾ شامل نه ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

شائسته چيو ته هو اسپن کي بهتر نموني کيڏندو آهي ۽ هن فاسٽ بالنگ خلاف به پنهنجي راند گهڻي حد تائين بهتر ڪئي آهي، خاص طور تي ميچ جي آخري اوورن ۾ .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.