عمران خان جو مستقبل ڇا هوندو؟ منظور وساڻ ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ عمران خان ۽ سندس پارٽي جو مستقبل خطري ۾ ڏسي رهيو آهيان.

پنهنجي بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته عمران نيازي تقريرن ۽ ڌمڪين کانپوءِ هاڻ منٿن تي اچي ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين ڦاسي چڪو آهي، هاڻ کيس ڪٿان ڪلين چٽ نه ملندي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو جواب اليڪشن ڪميشن کي نه ڏئي سگهندي، عمران خان کي سياست ۾ جيڪي سهولتون هيون، هاڻ نه ملنديون.

سندس چوڻ هو ته مون کي خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب حڪومت جو مستقبل به ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.