آصف زرداري جي صحت بابت اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيل پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي تازي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري اچي ويو.

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويو، سندس ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي تصديق ڪئي ته آصف زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري اچي ويو آهي.

سندس موجب هن 10 ڏينهن جي قرنطينه مڪمل ڪري ورتي، گڏوگڏ بختاور ڀٽو زرداري دعائون ڪندڙن جا ٿورا پڻ مڃيا.

واضح رهي ته بختاور ڀٽو زرداري 28 جولاءِ تي ٽوئيٽر تي لکيو هو ته آصف زرداري دبئي پهتو ته سندس پي سي آر ٽيسٽ پازيٽو آئي پر علامتون هلڪيون آهن، هو آرام ڪري رهيو آهي ۽ 4 ڏينهن کان قرنطينه ۾ آهي، صحتياب ٿيڻ تي جلد واپس ايندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.