سيف علي جي پهرين گهرواري امريتا جي ڪرينا کي درخواست !

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور مڙس سيف علي خان ۽ سندس اڳوڻي گهرواري امريتا سنگهه جي ٻارن ابراهيم ۽ سارا سان پنهنجي لاڳاپن بابت ٻڌايو آهي.

بالي ووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور  اداڪار عامر خان سان گڏ فلم لال سنگهه چڍا جي مشهوري مهم جي سلسلي ۾ مشهور فلمساز ڪرن جوهر جي پروگرام ” ڪافي ود ڪرن “ ۾ شرڪت ڪئي.

شو دوران ڪرينا کان ميزبان ڪرن جوهر سارا ۽ ابراهيم سان لاڳاپن بابت سوال ڪيو .

جنهن جي جواب ۾ ڪرينا ماضي جو هڪ يادگار قصو ٻڌايندي چيو ته کيس ياد آهي ته 2001ع ۾ سندس فلم ڪڀي خوشي ڪڀي غم جي شوٽنگ هلي رهي هئي ته سارا پنهنجي امڙ امريتا سنگهه سان گڏ منهني سيٽ تي آئي هئي ۽ مونکي ڏسي امريتا جي پٺيان لڪي ويندي هئي.

ڪرينا ٻڌايو ته امريتا درخواست ڪئي هئي ته هيءَ توسان گڏ تصوير ڪڍائڻ چاهي ٿي ڇاڪاڻ ته هيءَ تنهنجي تمام وڏي پرستار آهي، کيس تنهنجو ڪردار  پُو تمام گهڻو پسند آهي ۽ گيت يو آر ماءِ سونيا پڻ وڻندو اٿس.

بيبو سوال اُٿاريندي چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو ان بابت ايتري واويلا ڇو ڪندا آهن؟ اسان هڪ ڪٽنب آهيون، هو سيف علي اولاد آهن ۽ سيف جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهن.

هن چيو ته انهن رشتن کي نڀائڻ ۾ ڪائي ڏکيائي پيش ناهي ايندي، اسان سڀني وٽ پنهنجو پنهنجو وقت هوندو آهي، سيف پنهنجي ٻارن لاءِ مناسب وقت ڪڍندو آهي، کيس جڏهن به سارا سان گڏ وقت گذارڻو هوندو آهي هو مونکي ٻڌائي ڇڏيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.