عمران خان جي نااهلي لاءِ پي ڊي ايم وڏو قدم کڻي ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ آئين جي آرٽيڪل 63 تحت ريفرنس داخل ڪيو، اليڪشن ڪميشن ۾ محسن شاهنواز راجها طرفان ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي.

پي ڊي ايم ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان توشا خانا مان ملندڙ تحفا اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيا، عمران خان کي آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهل قرار ڏنو وڃي.

هوڏانهن پي ڊي ايم جيان قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف به عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس جلد اليڪشن ڪميشن کي موڪليندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.