نينسي پلوسي طرفان تائيوان جو تڪراري دورو، چين جي جنگي مشقن ۾ بيلسٽڪ ميزائلن جو استعمال

آمريڪي نمائندن واري ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي جي تائيوان جي تڪراري دوري تي چين تائيوان جي ويجهو سڀ کان وڏي جنگي مشقن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ تازين اطلاعن موجب چين طرفان تائيوان سمنڊ جي اوڀرندي ڪناري کان ڪجهه پري ڇهه بليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب چين تائيوان ۽ ڀرپاسي موجود سمنڊن ۾ فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ڪجهه هنڌن تي تائيوان کان رڳو 12 ميل جي مُفاصلي تي جديد هٿيارن سان گڏ جنگي مشقون شروع ڪيون ويون آهن.

چيني اختيارين موجب جنگي مشقون مصروف پاڻين ۾ ڪيون وينديون جنهن ۾ پري تائين مار ڪندڙ ميزائيلن جو سڌو سنئون مشاهدو پڻ شامل آهي.

تائيوان طرفان چيني مشقن کي سامونڊي ۽ هوائي حدون بند ڪرڻ سان تشبيهه ڏني وئي آهي جڏهن ته آمريڪا چين جي جنگي مشقن کي غيرذميواراڻو قدم قرار ڏنو آهي.

تائيوان جو ان ڏس ۾ چوڻ آهي ته چين اسان جي خطي جي اسٽيٽس کي بدلائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته چين تائيوان کي پنهنجو صوبو تصور ڪندو آهي ۽ ان کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.