واپارين کان بجلي بلن سان گڏ ٽيڪس وصول ڪرڻ جو فيصلو واپس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت واپارين کان بجلي بلن سان گڏ ٽيڪس وصولي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب واپارين جي بجلي بلن سان گڏ ٽيڪس وصولي ختم ڪرڻ جو فيصلو ن ليگ جي اعليٰ قيادت جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته بجلي بلن سان گڏ ٽيڪس وصولي سان ساليانو 30 ارب رپين جو ٽيڪس حاصل ٿيڻو هو پر هاڻ 30 ارب رپين جو واڌو ٽيڪس ٻين شعبن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائي پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻين شعبن تي ٽيڪس صدارتي آرڊيننس ذريعي لڳايو ويندو.

واضح رهي ته بجلي بلن ذريعي 6 هزار رپيا ٽيڪس وصولي تي  واپارين سخت احتجاج ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ن ليگ نائب صدر مريم نواز به مفتاح اسماعيل کي ٽيڪس واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.