ايمن الظواهري جي مارجڻ وارو معاملو، افغان ترجمان جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغان طالبان جو چوڻ آهي ته هو ايمن الظواهري جي آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجڻ وارين خبرن جي جاچ ڪري رهيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب افغان طالبان جي سياسي معاملن بابت ترجمان سهيل شاهين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته طالبان قيادت ايمن الظواهري جي ڪابل ۾ موجودگي کان آگاهه نه هئي تنهنڪري آمريڪي حملي ۾ سندس مارجڻ وارين خبرن تي جاچ ڪري رهيا آهيون.

عالمي ميڊيا موجب سهيل شاهين چيو ته جنهن حوالي سان دعوائون ڪيون پيون وڃن ان بابت حڪومت ۽ طالبان قيادت کي ڄاڻ نه هئي ان حوالي سان ڪئي ويندڙ دعوائن تي جاچ جاري آهي جنهن جي نتيجن کان عوامي سطح تي آگاهه ڪيو ويندو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪا طرفان معاهدي جي ڀڃڪري جي الزام جي جواب ۾ سهيل شاهين چيو ته طالبان قيادت ۽ موجودا حڪومت دوحا معاهدي تي مڪمل طور ڪاربند آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب طالبان قيادت آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ ايمن الظواهري جي مارجڻ تي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.