چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس جي معاملي تي تحريڪ انصاف جو يوٽرن

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف جڊيشل ڪميشن ۾ داخل ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف داخل ڪيل ريفرنس رجسٽرار آفيس پهچڻ کانپوءِ واپس ورتو ويو.

ريفرنس ۾ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو تبديل ٿيڻ جا نڪتا شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ريفرنس ۾ وڌيڪ قانوني پهلوئن کي اجاڳر ڪيو ويندو.

ان حوالي سان تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس کي روڪيو آهي، وڌيڪ شاهديون لڳائي رهيا آهيون.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪيس جي فيصلي ۾ تبديلي ڪئي، فيصلي ۾ تبديلي جا نڪتا وجهي ٻيهر ريفرنس داخل ڪنداسين.

واضح رهي ته تحريڪ انصاف اڄ ئي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف جڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.