حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن بابت آءِ ايم ايف جو وڏو مطالبو پورو ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري  آءِ ايم ايف طرفان لاڳو ڪيل هڪ ٻي شرط پوري ڪرڻ جو امڪان آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي مطالبي تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 15 ڏينهن بعد ڦيرڦار ڪرڻ جو فيصلو تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ اهو فيصلو هفتيوار بنيادن تي ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار جي مدي جو تعين ٿيندو.

ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاهن چاڙهن جو اثر عوام ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.