نواز شريف جي ڏيهه واپسي وارو معاملو، فواد چوڌري به تياري ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ن ليگ جي قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسي لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي هن وقت جيڪا سياسي پوزيشن آهي، منهنجي خيال ۾ سمورين سياسي پارٽيون جيڪڏهن ويهي ڪري پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن ته اهو بهتر آهي.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ جو هڪ سياسي ڪردار رهيو آهي پر في الحال سياسي پارٽين کي مئچورٽي ڏيکارڻ گهرجي، جيڪڏهن سياسي پارٽيون ائين نٿيون ڪن ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي ائين ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته هاڻ سڄو دارومدار شهباز شريف تي آهي ڇاڪاڻ ته هو هن وقت وزيراعظم آهي، سندس ڪم آهي ته هو چونڊن جو اعلان ڪري ۽ سياسي پارٽين کي ويهڪ جي دعوت ڏئي ته جيئن ڳالهين جو دڳ کُلي.

پي ٽي آڳواڻ چيو ته هن وقت صورتحال اها آهي ته پي ٽي آءِ جي ٻن صوبن ۾ پنهنجي حڪومت آهي، بلوچستان ۾ اتحادي حڪومت آهي ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، جيڪڏهن توهان چارئي صوبائي اسيمبليون ٽوڙيو ٿا تڏهن به توهان کي فريم ورڪ ترتيب ڏيڻو پوندو جيڪو ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي.

هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ اسان عدالت سان رابطو ڪنداسين ۽ جيڪو ڪوڙو حلف نامو شهباز شريف طرفان جمع ڪرايو ويو اسان ان تي پڻ ڪارروائي لاءِ چئي سگهون ٿا ڇو جو اهو هڪ ڏوهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.