پي ٽي آءِ جو سرپرائيز، چيف اليڪشن ڪمشنر وڏي ڏچي ۾ پئجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف سپريم جڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

بابر اعواڻ ذريعي داخل ڪرايل ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڄاڻي واڻي بدانتظامي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجون آئيني ذميواريون نه پيو نڀائي.

ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا کي فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي، گذريل مهيني پي ڊي ايم جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات به ڪئي هئي، جنهن ۾مٿس ممنوع فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو.

تحريڪ انصاف طرفان داخل ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملاقات کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اندر ممنوع فنڊنگ جو فيصلو ٻڌايو ويو.

ياد رهي ته اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاجي مظاهري جو اعلان به ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سڀني کي ايف نائن پارڪ پهچڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.