بلوچستان گهڻو ڌيان لهڻي ٿو

ڪنهن به شئي جا ٻه پاسا ٿين ٿا ۽ شخص کي انهن ٻنهي پاسن يعني شفي توڻي نفي کي باريڪيءَ سان ڏسڻ گهرجي. ايئن چيو ويو آهي. ننڍي هوندي کان ٻڌندا ٿا اچون ته برسات، خدا جي رحمت آهي، پر مشاهدو اهو به آهي ته رحمت جو هڪ پاسو  زحمت به ٿيندو آهي، شايد اها پڻ فطرت جي سڃاڻپ ۾ شامل آهي، جنهن جو مشاهدو ڪجهه ڏينهن کان انسانن جو هڪ حصو جيڪو هن ملڪ ۾ رهي ٿو اهو ڪري رهيو آهي، ممڪن آهي ته ميڊيائي وسيلا ڪجهه گهٽ وڌائي ڪندا به هجن پر جيڪو ڪجهه اکين سان ڏسجي رهيو آهي  اهو ان لفظ جي ادائي ڪري رهيو آهي .

هيلوڪي مند ۾ وسندڙ مينهن جي رفتار پنهنجو روپ بدليو آهي ۽ انسانن جو چڱو انگ ان بدليل روپ جي ضد ۾ آهي، ا هو سڀ ملڪي ميڊيا توڻي شخصي مشاهدا واڌو ڇپائيءَ وارا ذريعا ٻڌائي ۽ ڏيکاري رهيا آهن. ذريعن موجب هنن مينهن جهڙا مينهن ٽيهن سالن ۾ ملڪ اندر نه وسيا آهن شايد دنيا ۾ ماحوليات جي وڌندڙ خراب حالت انهن جي ذميوار هجي ملڪ جي مڙني حصن کي موسم جي مينهن پنهنجي اثر هيٺ آڻي ڇڏيو آهي پر انساني، توڙي ماليت جو نقصان جيڪو بلوچستان جي پلئه پيو آهي، ان جو ذڪر گهڻو گهڻو ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي وڏي حصي جا رهندڙ ماڻهو هنن مينهن ۾ گهڻو ڪجهه وڃائي ويٺا آهن ۽ لڳاتار وڃائي رهيا آهن پر هن لمحي ان سموري وڃائڻ جو ڏوهه فطرت تي ڏيڻ ڪنهن به طرح ٺيڪ نه رهندو ڇاڪاڻ ته اسانجا حڪمران توڻي عام ماڻهو پڻ پنهنجي ڪنهن به عمل جي ردعمل ۾ ٿيل نقصان کي فطرت جي کاتي ۾ ڄاڻائي پاڻ پنهنجي هر عمل کان آجا هجڻ جو ڀرم پاليندا آهن.

مينهن پنهنجي مدن تي وسڻا هوندا آهن ۽ اهي اڳي پوءِ وسندا آهن اها سڀني ماڻهن کي خبر هوندي آهي ۽ مينهن جهڙين ٻين قدرتي آفتن ٻوڏن، زلزلن، باهين سامونڊي طوفانن وغيره کان بچڻ لاءِ ملڪي سطح تي ڪي ادارا به جوڙيل هوندا آهن جيڪي  به ڪنهن ڏکئي وقت ۾ انسانن جي بچاءَ لاءِ اڳتي ايندا آهن، اهڙا ادارا هن ملڪ ۾ پڻ الڳ الڳ نالن سان جڙيل آهن پر اهي الڳ الڳ نالن سان جڙيل ادارا ڪم فقط هڪڙو ڪندا آهن جنهن ۾ هو سڀئي قومي ٻڌيءَ جو بيمثال مظاهرو ڪنداآهن اهو آهي، مليل بجيٽون هڙپ ڪرڻ وارو ڪم!جنهن جو نتيجو وقت اچڻ تي ظاهر ظهور اسان سڀني کي ڀوڳڻو پوندو آهي ۽ هن مند ۾ به ڀوڳي رهيا آهيون.

بلوچستان ۾ هر سال يا هر ڀيري پوندڙ مينهن ۾ هتان جو نئيون  وهي اينديون آهن، تيزيءَ سان انساني نقصان ڪنديون آهن، گهر لڙهي ويندا آهن. مالي متاع لڙهي ويندو آهي، پلون توڻي روڊ رستا لڙهي ويندا آهن انهن سان گڏ انسان پڻ لڙهي ويندا آهن، حڪمرانن کي اها ڄاڻ آهي، پوءِ به هو مستقل بنيادن تي اهڙا بندوبست نه ڪري سگهندا آهن جيڪي انساني بچاءُ جو ۽ ٻين نقصانن جي بچاءَ جو سبب بڻجن، فطرت مينهن وسائيندي آهي ان کان محفوظ رهڻ جو بندوبست حڪمرانن کي ڪرڻو آهي. جيڪو هو ڪڏهن به نه ڪري سگهيا آهن جنهن جو نتيجو اڄ جو بلوچستان ۽ ان جا عام ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن.

وزيراعظم شهباز شريف ڪن علائقن جو دورو ڪيو آهي ۽ ڪن علائقن جو دورو ڪري رهيو آهي، اها هن جي منصب جي گهرج آهي. جيڪا هو پوري ڪري رهيو آهي، بلوچستان جي گهرج ان کان گهڻي آهي، بلوچستان جي ماڻهن ۽ ماليت جو جيڪو نقصان ٿيو آهي يا ٿي رهيو آهي، ان جو پوراءُ حڪمرانن ڪيئن ڪري سگهندا؟ انهن ننڍڙن ٻارڙن جي گهرج جو پوراءُ ڪيئن ٿي سگهندو جن جي مٿن تان سندن پيئرن جو هٿ هليو ويو آهي، جن جا ڀائر پُلين سان گڏ لڙهي ويا آهن جيڪي زندگيءَ کي هڪ ڏينهن وڌائڻ جو جتن ڪري رهيا آهن جن جي پيرن ۾ تيز وهندڙ پاڻي آهي ۽ مٿان نه بيهندڙ مينهن وسي رهيو آهي. جن کان روئڻ به وسري ويو آهي ان بلوچستان جو پوراءُ حڪمرانن ڪيئن ڪري سگهندا. هو ڪاغذن ۾ اهو نه وسرندڙ ڏک ڪيئن اظهاري سگهندا جيڪو بلوچستان جي عوام جو رڳون ڦاڙي ٻاهر نڪري رهيو آهي.

حڪمرانن کي صرف ايتري گذارش آهي اُهي پنهنجين اقتداري جنگين مان ٻاهر نڪري بلوچستان سميت سموري ملڪ ۾ آيل هي جنگي صورتحال ڏسڻ جيترو وقت ڪڍن ۽ ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ماڻهن جي ويساهه سميت سندن زندگين کي  بچائڻ لاءِ ڪي جنگي حڪمت عمليون جوڙين جيئن هنن حالتن تي فتح حاصل ڪري سگهجي! ايتري گذارش ته قبول پوڻ گهرجي. جيڪڏهن کين ملڪ توڻي ان جا ماڻهو عزيز آهن ته!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.