محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ جو ڪتاب ”جان جيئان تان پاڙيان“

سرمد چانڊيو

(ھي تبصرو تازو اسان کان وڇڙي ويل سنڌ جي سرموڙ شاعر، مثالي محقق ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پارکو سرمد چانڊيي ڪتاب "جان جيئان تان پاڙيان” جي مھورتي تقريب ۾ پڙھيو ھو)

لافاني شاعري: نظم هڪ منظم طريقي جي شاعري آهي. توڙي جو نظم جو پراڻو عروضي هيئيت جو رواج هاڻي گهڻو ناهي رهيو. مثنوي، مثلث، مربع، مخمس، مسدس وارو طريقو ترڪ ڪري معرا نظم کي جديد شاعرن اپنايو آهي. پوءِ به نظم جي نالي مان ئي نظم جي پوچ ۽ اوچ جو پتو پوي ٿو.

سائين محمد علي پٺاڻ جا نظم بلڪل جديد ۽ قديم ٻنهي صورتن ۾ خوبصورت ۽ بي مثال آهن. ڪتاب جو پهريون نظم ئي جديد نظم جي گهاڙيٽي جو اعليٰ نمونو آهي، جيڪو بحر متڪارب مثمن سالم جي فني سٽاءَ ۾ رچيل آهي. هيٺ نظم جو سٽاءُ بدلائي آزاد نظم وارو رکيو ويو آهي. ان بدلاءَ کي نظم سان بغاوت نه پر پوچ ۽ اوڄ جو نئون روپ رکي سائين محمد علي پٺاڻ اسان کي فني ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. نئين ٽهيءَ وارن يارن لاءِ نظم ۽ آزاد نظم جو امتزاج چٽيو ويو آهي.

نظم جو سِرو آهي ته:

اهو چاهه چانڊوڪين ۾ ڪٿي آ.

هيٺ ساڳئي بحر ۽ وزن کي مختلف رڪنن سان سجائي رچيو ويو آهي، جيڪو نِيم ۽ نمونو شيخ اياز کان وٺي سڀني جديد شاعرن نڀايو آهي.

ڪتاب جو ٻيو نظم :

تون درد نه منهنجو ڄاڻين ٿو.

بحر هزج مسدس اخرب محذوف ۾ رچيل آهي. شيخ اياز هن بحر ۽ وزن ۾ ٽي ”آپيرا“ نظم ڪيا آهن، جن ۾ ”دودي سومري جو موت“، ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۽  ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ اچي وڃن ٿا.

سائين محمد علي پٺاڻ جو هي نظم هڪ شاهڪار نظم آهي. ڪتاب جو ٽيون نظم:

تون اڳي کان گهڻو ياد پيئي اچين

بحر مندارڪ مثمن سالم جي وزن سان واهه جو نڀايو ويو آهي. نظم جي پهرين بند ۾ جيڪا اصطلاحي مصرع آهي، ان جو ته نعم البدل نظر ئي نه ٿو اچي:

واءُ ٿڌڙي گهلي پر پتي تي نه پئي.

هڪ خوبصورت سنڌي اصطلاح بڻيل مصرع آهي. سڄو نظم لافاني آهي. هن وزن ۾ هڪ انوکو رچاءُ آهي. اهو پنهنجي تال ۽ ترنم جو خاص وزن آهي. وري فني طور تي مسدس جي صورت ۾ اڃا به وڌيڪ رچاءَ جو رنگ اختيار ڪري ٿو بيهي. مجازي محبت جو هڪ شاهڪار نظم آهي.

ڪتاب جو چوٿون نظم:

ستاويهه ڊسمبر اهو ڏينهن آهي.

هي هڪ ويجهي تاريخ جو يادگار نظم آهي. نظم جي نغمگي ماتمي ياد کي تازو ڪري ٿي. ڪڏهن نه وسرندڙ شخصيت تي رچيل آهي. هر رچنا جو پنهنجو مخصوص انداز آهي. درد جي پڄاڻي به نظر نه ٿي اچي. جڏهن اهڙا موضوع نظم ٿي قارئين جي اڳيان اچن ٿا ته، اُهي وري تاريخ جو پر توو چٽو ڪري پڙهائن ٿا.بحر متقارب مثمن سالم جي وزن ۾ رچيل سالم درد جو نه وسرندڙ نمونو ڇا چئجي!

ڪتاب جو پنجون نظم:

سنڌ صدين کان قائم آهي.

بحر متقارب مثمن اثلم، اثرم جي وزن جو جدارو ترنم آهي. شيخ اياز ڪيترائي غزل هن وزن ۾ رچيا پر ان کان وڌيڪ جيڪي نظم قلم بند ڪيا اٿن، اهي شاهڪار آهن.

سائين محمد علي پٺاڻ جو هي نظم معشر نظم پڻ نظم جي تاريخ جي مضبوط ڪڙي آهي. نظم جا سلسلا به پهاڙي سلسلن جيان نه وسرندڙ نه مِٽجندڙ سلسلا آهن. جيئن هالاري جبلن جا طويل ۽ ڊگهه ڊگهيرا سلسلا آهن. سائين محمد علي پٺاڻ هن نظم جا جيڪي مختصر بند رچيا آهن، اهي هڪ وڏي تاريخ جو حصو آهن.

ڪتاب جو ڇهون نظم:

هي موسم بهاري به گذري وئي.

بحر متقارب مثمن محذوب جي وزن ۾ رچيل هي نظم به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. مسدس فن جو شاهڪار نظم آهي.

ڪتاب جو ستون نظم:

ندي هوريان وهي ٿي پئي.

بحر هزج مربع سالم، محمد علي پٺاڻ جي تخيل جي رواني پرکڻ لاءِ هي نظم ئي ڪافي آهي، جنهن جي هر هڪ بند ۾ اٺاويهه مصرع آهن ۽ نظم ۾ اٺ بند آهن. ٻه سئو چوويهن مصرعن جو نظم هڪ شاهڪار نظم آهي، جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي موهن جي دڙي واري استعاري ۾ بند ڪيو اٿس:

نه ساڳيو چنڊ ئي آهي،

نه ساڳي آههِ چانڊوڪي،

پرين ڀي ناههِ ۽ آهي،

اڪيلائي جو دوزخ ڪو،

جنهين ۾ مرڪ جون يادون،

پيون ڏنڀنِ، ڏکائن ٿيون،

خيالن ۾ تباهيءَ جو،

ٿيس نقشو ڪو اهڙو مان،

دڙو موُنهون به جنهن آڏو،

گھڻو ئي گھٽِ پيو ڀاسي.“

 

خود ڪلائي ۽ خود سلاميءَ جو اهو عالم پَسي في الحال ته سندس شخصيت جو احاطو ڪرڻ لاءِ ماڻهو پريشان ٿيو وڃي. خوبصورتيءَ کي پنهنجي رنگت آهي، پنهنجي صورت ۽ مورت آهي. خيالن جي خوبصورتي، فلسفي جي خوبصورتي آهي. اهڙن فلاسافيڪل جملن تي جيترو فخر ڪجي اهو گهٽ آهي.

ڪتاب جا آزاد نظم به تاريخي نظم آهن، جن ۾ پهريون نظم امداد حسيني ۽ سحر امداد جي ايفل ٽاور جي ڀر ۾ نڪتل يادگار تصوير تي رچيل آهي. ٻيو آزاد نظم محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي رچيل آهي. ٽيون آزاد نظم شهيد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا ڪيل نظم آهي، جيڪو 4 اپريل 2011ع ۾ رچيو ويو هو. چوٿون تاريخي آزاد نظم محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سوڀ تي رچيل آهي. پنجون آزاد نظم شمشير الحيدريءَ جي بينائي ختم ٿيڻ تي رچيل آهي. ڇھون تاريخي آزاد نظم سائين رزاق مھر جي ياد ۾ رچيل آهي. ستون تاريخي آزاد نظم به سائين رزاق مھر جي ياد ۾ رچيل آهي.

نثري نظم، نظم ۽ نثر واري وچ تي جيڪا وڇوٽي آهي، ان فصيل ۾ رچيل آهن. لفظن جي ترنم ۾ آهنگ کي تخيل ارپيو ويو آهي. انهن نثري نظمن ۾ چوٿون نمبر نثري نظم هڪ لافاني نثري نظم آهي. وقت جي آواز سان گڏو گڏ پنجويهن موضوعن تي آڌاريل آهي، جن ۾ گل، وڻ، سڙڪون، ۽ روڊ، پستول، بندوقون ۽ ڪلاشنڪوف، ديوارون، ڪرسي، سمونڊ، گهرَ، پکي، جبل گهاڻا، ٿاڻا اسپتال، پڃرو، ٻوري، ڌرتي، جيل، ڪاغذ، آئينو، قلم، درسگاهون، امن، ڳوٺ، اسيمبليون، کير، آخر ۾ وقت جو آواز اچي ٿو. گهڻ پاسائون شاهڪار نثري نظم آهي.

هن ڪتاب جي تخليق تي سائين محمد علي پٺاڻ کي لک لک واڌايون ڏيندي خوشي ٿئي ٿي. سچ سلامت، سنڌ سلامت

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.