پاڪستان اسٽيل مل جي 100 ارب روپين جي چوري جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن ؟

جميل چانڊيو

ملڪ جي صنعتي ترقي لاءِ ٺهندڙ پاڪستان اسٽيل ملز اڄ بي يارو مددگار ۽ تباهي جي ڪنڌي تي پهچي چڪي آهي، چورين بابت هي ادارو هڪ دفعو ٻيهر ميڊيا جي زينت بڻيل آهي، سندس بربادي ان وقت شروع ٿي جڏهن جون 2015 ۾ نواز حڪومت بغير ڪنهن جواز جي اداري جي گئس بند ڪئي، موجوده وزيراعظم جي مالي معاملن جي صلاحڪار مفتاحٰ اسماعيل ماضي جي نواز حڪومت ۾ وزارت جي منصب تي فائز هجڻ جو فائدو وٺندي قومي صنعي اداري پاڪستان اسٽيل مل جي گئس هڪ حڪم تحت بند ڪرائي ڇڏي، ان وقت سندس ئي سفارش تي آيل چيئرمين جنرل (ر) ظهير پاڪستان اسٽيل مل کي پيدواري طور تي پنهنجي پيرن تي بيهاريو جنهن پيدواري صلاحيت کي 65 سيڪڙو تائين اسٽيل مل جي اندروني وسيلن ذريعي پنهنجي اڳئين پيداواري حدف طرف وڌايو پر بدقسمتي سان مفتاح اسماعيل جي حڪم هن اداري کي تباهي طرف آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

هي ادارو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي صنعتي ويجن تحت نفي نقصان جي آڌار تي نه هنيو ويو هو پر ملڪ جي صنعتي ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ان جو قيام عمل ۾ آندو ويو، اسٽيل مل جڏهن پنهنجي پيداواري عمل ۾ اوج تي هئي تڏهن ملڪ جو فقط 17 سيڪڙو لوهي کپت پورو ڪري سگهي پئي، جڏهن ته اسٽيل مل جي واڌاري جو بنياد پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي وڌو ويو، جنهن کي اسٽيل دشمن قوتن اڳيان وڌڻ نه ڏنو، آخرڪار هن اداري کي بند ڪرائڻ ۾ ساڳيون ئي قوتون ڪامياب ويون، جنهن سان هڪ طرف هزارين ملازم بيروزگار  ٿيا ته ٻئي طرف اسٽيل صنعت سان لاڳاپيل لکين مزدورن جي گهرن جا چلها اجهامي ويا.

قصو اڃا هتي ختم ناهي ٿيو هن تحريڪ انصاف جي عمراني حڪومت مل جي بحالي جا سبز باغ گذريل عام چونڊن ۾ پورهيتن ۽ اسٽيل مل سان لاڳاپيل هزارين ملازمن کي ڏيکاريا ۽ سندن ئي ڪابينا جي سفارش سان وڏين مراعتن عيوض سي اي او کان وٺي جنرل مينيجر سيڪورٽي ۽ انتظامي عملدار مقرر ته ضرور ٿيا پر مل جي اسٽورن ۾ پيل قيمتي ڌاتو، مشينري، اسپيئر پارٽ موجوده انتظاميا جي نگراني ۾ غائب ٿي ويا، جڏهن ته مل ۾ پورهيت تنظيمن،اڳواڻن ۽ ٽريڊ يونين جي اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، اڪبر ميمڻ، تحريڪ يونين جي چيئرمين ياسين ڄامڙو اسٽيل مل مان تازو 10 ارب رپين جي چوري جي پڻ تصديق ڪندي وزارت صنعت پيدوار کي تحريري طور تي ڄاڻ ڏني آهي.

پاڪستان اسٽيل مل مان اربين روپين جي چوري ۽ مالي خساري بابت، تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل يونين جي چيئرمين پاران مل کي مالي خسارو ۽ رهتون  528 ارب جو انڪشافڪندي  وزارت پيداوار ۽ صنعت ڏانهن خط لکي ڇڏيو، مالي بحران جي ور چڙهيل پاڪستان اسٽيل مل جنهن جو پيداواري عمل جون 2015 کان بند آهي قومي صنعتي اداري مان جبري طور تي 9 هزارن کان وڌيڪ پورهيتن ۽ آفيسرن کي بغير ڪنهن مالي پيڪيج يا گولڊن هينڊ شيڪ ڏيڻ جي برطرف ڪيو ويو، اهڙيون برطرفيون اڳوڻي تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت جي دور ۾ ڪيون ويون.

تازو پاڪستان اسٽيل مل جي هڪ آپريشنل انچارج سي ايم ڊي، اسٽور ڊپارٽمنٽ ۽ ايم آر ايڇ پي عبدالرحمان وڙائچ پاڪستان اسٽيل مل بابت  وفاقي حڪومت کي هڪ خط ذريعي ڄاڻ ڏني ته موجوده انتظاميا سيڪورٽي ايجنسين سان ملي ڀڳت ڪري مل ۾ پيل 100 ارب روپين کان وڌيڪ قيمتي مشينري جا اسپيئر پارٽس، ٽامون ۽ قيمتي ڌاتن جا اوزار چوري ڪرايا آهن، اهڙي خط بعد موجوده اسٽيل مل سي اي او عملدار عبدالرحمان وڙائچ کي جبري طور تي برطرف ڪري ڇڏيو هو، ويجهڙ پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي بابت جڙيل پاڪستان جوائنٽ ايمپلائيز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، اڪبر ميمڻ، مرزا مقصود، نويد آفتاب، يوسف خٽڪ ۽ عاصم ڀٽي اسلام آباد وڃي وفاقي وزير صنعت پيدوار سيد مخدوم مرتضيٰ ۽ پرائيوٽائيزيشن جي وفاقي وزير عابد ڀيو کي اسٽيل مل جي چوري بابت وڊيو ثبوت طور ڏني جنهن تي وفاقي وزيرن اعليٰ سطح تي چوري ۽ اداري ۾ مالي بدعنوانين بابت ايف آءِ اي کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

هوڏانهن تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل اڳوڻي سي بي اي انصاف ليبر يونين جي چيئرمين ياسين ڄامڙو وفاقي حڪومت کي هڪ خط ذريعي ڄاڻايو آهي ته پاڪستان اسٽيل مل جون 2021 ۾ 528 ارب روپين جو مالي خسارو ٿي چڪو آهي جڏهن ته 650 ارب روپين جون 2022 تائين سيڪورٽي اسٽاف جي لاپرواهي سبب چوريون ٿي چڪيون آهن، ان سلسلي ۾ ياسين ڄامڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي جاري ڪيل خط جي تصديق ڪئي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي هن قومي اداري م ويٺل انتظاميا خساري ۽ اداري جي بربادي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي چوريون ۽ پنهنجن کي نوازڻ جو سلسلو جاري آهي. هن گهر ڪئي آهي هن قومي اداري مان سنگين نوعيت جي بي قاعدگين بابت جاچ  ڪرائي وڃي.

ياد رهي ته پاڪستان اسٽيل مل پنهنجي 100 سيڪڙو پيدواري عمل جيڪو ماضي جو قصو ئي آهي تنهن اسٽيل مل جو قرض قومي بينڪن کي ادا ڪيو هو ۽ ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز جي مد ۾ 110 ارب روپيه وفاقي خزاني ۾ جمع ڪرايا هئا، اڄ هن اداري جي تباهي تي ڪوبه ٻيو ادارو توڻي حڪومتي واڳ ڌڻي يا تحقيقاتي ادارن جي خاموشو سواليا نشاني بڻيل آهن، چوري جا پيرا جيڪڏهن اڄ نه کنيا ويا ته پوءِ ملڪ جي باقي رهيل ادارن جو به حشر اهڙي طرح ٿيڻو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.