سواليه نشان بڻيل عمران خان جو سياسي قبلو

منظور احمد ملاح

سچ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ جيترا دليل ڏئي سگھجن ٿا ، ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ماڻھو انھيءَ کان به وڌيڪ دليل پيش ڪرڻ جا ماھر آھن، جيڪڏهن ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ وارو دليل انفرادي ھجي ته اھڙي ڪوڙ مان ڪو وڏو الميو ٿيڻ جو انديشو گھٽ ھوندو آھي، پر جيڪڏهن اھڙو دليل اجتماعي طور ڪو رھبر ، قائد چوائيندڙ ڳالھائيندو وتي يا انھي جو بار بار مرتڪب ٿيندو ھجي ته پوءِ سماجن، معاشرن ۾ بگاڙ پيدا ٿيندا آهن، اھڙا سماج، معاشرا مھذب پڻي کان ڪوھين ڏور ھليا ويندا آهن، يا وري اھي معاشرا انھيءَ مڪتب فڪر سان سلهاڙيل انھي گروهه جي غير اخلاقي، بدڪرداري، شرانگيز، وارداتن ، کي ڀوگڻ تي مجبور ، لاچار ھوندا آھن، اسانجي ملڪ ۾ ھونئن ته اھڙن قدرن کي ھٿي گھٽ ئي وٺائي وئي آهي جنهن سان اخلاقيات، سھپ، رواداري پيدا ٿئي ، پر ھن ملڪ ۾جڏهن کان نئين پارٽي نئين نعري سان آئي، انصاف ، قدر، ترقين جا نوان بيانيه کڻي قوم کي سونھري ، سبز باغن جا جنت جھڙا خواب ڏيکاري، آخر اقتدار اعليٰ جو منصب ماڻي ورتو، سندن بقول خاص طور  صحافي عمران رياض  ته مقتدر حلقن حريف پارٽين جا اڇا چٺا ڏيکاري ھن عظيم ڪم لاءِ تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ڪجهه خاص ملڪ جي ايماندار ۽ قابل ميڊيا جي ماڻهن کي راضي ڪري ورتو ته اسان ملڪ جي مفاد لاءِ ھنن پارٽين جي خلاف مھم  ھلايون ته جيئن عوام ۽ ملڪ اھڙن ڪرپٽ ، لٽيرن کان آجو ٿي پوي، پر ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي عيش عشرت جا  الف ليلوي داستان رقم ٿيڻ شروع ٿي ويا، جيڪي انتھائي حيا سوز آھن، ته ڪرپشن جا قصا به ھوائن ۾ گردش ڪرڻ لڳا، ھن دور ۾ سياسي، سماجي، معاشي، معاشرتي  ميدان ۾ نوان اصطلاح متعارف ڪرايا ويا، ڪڏھن ھي پارٽي قيادت پنھنجو پاڻ کي ھڪ مذھبي فرقي طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچي ٿي ته ڪڏهن سياست جي ميدان ۾ جلاءُ گھيراءُ جي پنھنجن پوئلڳن کي ترغيب ڏيندي نظر اچي ٿي، ڪڏھن ھنن جي قول ۽ فعل مان ملوڪيت جي بوءِ ته ڪڏهن انارڪي ۽  آپيشاهي وارو رنگ نظر اچي ٿو.

ورلڊ ڪپ کٽڻ ڪنھن ھڪ ماڻھو جو ته ڪارنامو ناھي ھوندو، ٽيم ۾ سليڪٽر کان وٺي انھيءَ ۾ ھر ھڪ رانديگر جي ڪاڪردگي ھوندي آھي، جيڪڏهن  ماڻھو پاڻ کي ماضيءَ ۾ وٺي وڃي ته عمران خان جي ڪرڪيٽ واري ڪار گذاري سامھون اچي ويندي، جيڪا ڪا گھڻي چڱي ناھي، پر لڳي ايئن ٿو ته عمران خان کي ھڪ منصوبه بندي تحت پلانٽ ڪيو ويو قوم کي سندس ھيرو شپ کي گھوٽي گھوٽي پياريو ويو، جنهن سحر مان اڄ تائين ماڻھو ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن.

انصافي حڪومت جي پوڻا چار سال ڪارڪردگي اھڙي ھئي جيڪا سندس زوال جو بنيادي سبب بڻجي وڃي ھا، پر لڳي ايئن رھيو آھي ته کيس سنڀاليندڙن وڏي ھوشياري سان هن کي  بچائي ۽ سنڀالي ورتو، جيئن ڪنھن ننڍڙي ٻار کي ابتدائي قدم کڻندي ڪرڻ کان بچائي وٺبو آھي، وري سندس لاءِ اسپيس پيدا ڪيو ويو، اتحادي پارٽين جي ڳاٺ ۾ سندس دور حڪمراني جو پورو ملبو وجھي، کيس مظلوم ۽ ھيرو ڪري ٻيھر پيش ڪيو ويو آھي، اتحادي جماعتن جا في الحال ھوش اڏيل آھن ته اسين ايترن تجربن جي باوجود ڪيئن ڦاٿا سون، ھو ھڪ اھڙي چئواٽي تي ڦاٿا آھن جتان کين حال ۽ مستقبل جي راهه نظر ڪانه پئي اچي، جڏھن ته عمران خان لاءِ راھون وري روشن ڪيون ويون آهن، ھونئن ته انصافي حڪومت وڃڻ کان پوءِ عمران جي شعلا بياني، ادارن ۽ ملڪ جي خلاف حدون اورانگھڻ جي باوجود ساڻس  وري به نرميءَ وارو ورتاءُ چڱي طرح سمجهھ ۾اچڻ گھرجي، جنهن جو ثبوت تازو پنجاب جي وڏ وزارت وارو فيصلو آھي، لڳي ايئن ٿو ته عمراني حڪومت جي خاتمي واري نوراڪشتي به منصوبا بندي تحت ئي ھئي، سندس سياست کي بچائڻ مقصود ھئو، انھيءَ ڪري ئي سندس حڪومت کي تحليل ڪري جڙتو بيانيو ٺاهي وري ماڻھن کي بيوقوف بڻائي کيس ٻيھر مسلط ڪيو وڃي، جڏهن ته پاڻ ۽ سندس ٽولي جون وارداتون غير آئيني، غير قانوني تاريخ جو سينگار بڻجي چڪيون آهن.

جيئن ته آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته عمران خان پاڻ ۽ سندس ساٿي عوام آڏو پاڻ کي مذھبي فرقو ڪري پيش ڪن ٿا اھڙيون شاھديون سندس ڪيترن ئي بيانن تقريرن مان حاصل ڪري سگھجن ٿيون ڄڻ ته عمراني فرقو ھجي، پر افسوس ته سندن انھي بيانيي ۾ به حب علي نظر ئي نٿو اچي، بلڪه هي بغض معاويه گھڻو لڳي ٿو، انھي ڪري عمران خان جي ڪنن ۾ اسلامي ٽچ ڏيڻ لاءِ سرٻاٽ ڪندي سندس ساٿي نظر اچن ٿا، پوءِ عمران خان جنهن جو نه ته پنھنجي مذھب، اسلام يا ڪجھه ٻين مذھبن جو مطالعو آھي پوءِ ھمراھ اڪثر ڳالھائيندي ٻوڙ ھاريو ڇڏي، ھڪ عام ماڻھو به روضه رسول جي حرمت کي ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو، پر ھنن پنھنجي ڪوتاھ نظر ڪري انھيءَ مقدس جڳھه جي حرمت ۽  عظمت کي به پنھنجي ذاتي خواهشن جي نظر ڪري ڇڏيو.

سندس پوئلڳ عجيب مفروضاتي تشريحون ۽ منطق گھڙي عمران خان جا ڀر جھلا ٿيو بيٺا آھن، جڏهن ته کيس وٽ شرڪ جي معنيٰ ۽ مفھوم ئي عجيب آھي، جيڪو تازو ئي خود ساخته قوم کي خطاب ڪندي فرمائي ٿو ته جن به ماڻھن يا انتظامي مهرن سندس نام نھاد لانگ مارچ کي روڪيو ۽ انھن جي شرانگيزي کي لگام ڏنو اھي شرڪ جا مرتڪب ٿيا آهن، اھڙا قصا ته سندس ايترا آھن جو چڱو ڀلو ڪتاب ڇپجي ويندو، پاڻ پنھنجي لب و لھجي مان ايئن ٿو لڳي جيئن مرغ باد نما اھو سمجھي ته حوا جو رخ ھو ئي طئي ڪري رھيو آھي، شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميثاق جمھوريت جو دستاويز نوازشريف سان انھي لاءِ سائن ڪيو ھيو ته جيئن ملڪي مفاد جي ڪاروھنوار کي ھلائڻ لاءِ ڪي اصول ۽ قائدا  ھجن، اھو سب ڪجھه انھيءَ تناظر ۾ ڪيو ويو ھئو ته ماضي ۾ ھڪ ٻئي خلاف سياسي انجنيئرنگ کان پاسو ڪجي، ڇو جو اھڙين وارتائن ڪري وقت۽ ناڻو خرچ ته ٿئي ٿو پر ملڪ جي بدنامي به ٿئي ٿي، انھيءَ ڪري ميثاق جمھوريت وارو دستاويز ماضي جي تجربن حالتن واقعن کي نظر ۾  رکي جوڙيو ويو جيڪو ھڪ ٻئي خلاف جڙيو ڪيسن جو خاتمو ۽ ٻيھر اھڙن عملن کان پاسو ڪري بھتر حڪمراني تي توجهه مرڪوز ڪرڻ تي ٻڌل آھي، ھونئن به حڪمراني ڌر ۽ مخالف ڌر جي بنيادي جمھوري ڪردار ڪري ئي ملڪ لاءِ مثبت نتيجا وٺي سگهجن ٿا.

جيڪڏهن 220 وولٽيج سان 220 ٽڪرائجي ته تباھي ايندي نقصان ئي ٿيندو پر جيڪڏهن 220 جي ٿڌي ۽ گرم پنھنجي صحيح طريقي سان ڪم ڪري ته نتيجا بھتر ۽ ڪارگر ئي ھوندا، ھتي عمران نيازي اھڙي ڪنھن به مثبت ڌارا ۾ اچڻ لاءِ تيار ئي ناھي، يا وري کيس اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي..!؟ جڏهن ته ملڪ جي ھر فرد کي ھن وقت ھڪ ئي ڳڻتي کائي رھي آھي ته آخر ٿيندو ڇا ۽ ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر عمران خان نه ميثاق معيشت تي ۽ نه ميثاق جمھوريت تي ملڪي مفاد لاءِ تيار آھي.

.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.