آمريڪي اسپيڪر نينسي پلوسي نيٺ تائيوان پهتي

آمريڪي ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي ايشيا جي چئن ملڪن جو دور شروع ڪري ڇڏيو آھي، ان دوران هوءَ 2 آگسٽ تي تائيوان به پهتي. آمريڪي اسپيڪر سان گڏ ايوان جي پرڏيھي ڪميٽي جو سربراھ گريگوري ميڪس پڻ دور ڪندڙ وفد ۾ شامل آھي،آمريڪي وفد جن ملڪن جي دور ڪري رهيو آهي انھن ۾ سنگاپور،ملائشيا،ڏکڻ ڪوريا ۽ جپان شامل آھن.نينسي پلوسي ھڪ پراڻي سياستدان آھي ۽ ھن وقت آمريڪا ۾ صدارتي ڊوڙ ۾ ٽيئن نمبر تي آھي.انڊو پئسفڪ ملڪن جي دوري دوران خطي ۾ گڏيل سيڪيورٽي،معاشي معاملن ۾ شموليت ۽ جمھوري گورننس جھڙن مسئلن تي ڳالھيون ڪيون پيون وڃن.

چين ۽ آمريڪا ھن دور کي خاص پس منظر ۾ ڏسي رھيا آھن،ھڪڙو خيال ھي آھي تھ اھو دورو تائيوان جي آزادي کي ھٿي ڏيڻ جو ھڪ اشارو آھي، جنھن بابت چين تازو آمريڪا کي خبردار ڪيو ھو تھ ھو  باھھ سان نھ کيڏي. ان سلسلي ۾ ويجھڙائي ۾ ئي آمريڪي ۽ چيني قيادت رابطو ڪيو ھو جنھن کانپوءِ سمھجيو پيو وڃي تھ اھو ٽڪراءُ ٿورو ماٺو ٿي ويو آھي.

اھا بھ دلچسپ ڳالھھ آھي تھ آمريڪا جا تائيوان سان سفارتي لاڳاپا نھ آھن،نينسي پلوسي جي تائيوان جي دوري کي ڊرامائي قرار ڏنو پيو وڃي،جنھن کي آمريڪا تائيوان جي مدد ڪرڻ طور پيش ڪري رھيو آھي.

ڪي مبصر ان خيال جا آھن تھ چين توڙي آمريڪي سربراھ تائيوان جي مسئلي کي پنھنجي پنھنجي حق ۾ ڪتب آڻڻ چاھين ٿا،چين جو صدر شن جن پنگ ھن سال چونڊن ۾ ٽيون ڀيرو چونڊجي ھڪ مثال قائم ڪندو،جڏھن تھ آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نومبر ۾ وچ مدتي چونڊن ۾ آمريڪي نمائندن جي ايوان ۾ ڪنٽرول برقرار رکڻ جي لاءِ ھن کي سخت مقابلو ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.