ايمن الظواهري کي نشانو بڻائيندڙ ڊرون پاڪستان مان ناهي اڏريو: پاڪستان

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان حڪومت چيو آهي ته القاعده اڳواڻ ايمن الظواهري کي نشانو بڻائيندڙ ڊرون پاڪستان مان ناهي اڏريو. ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مضبوط افغانستان چاهيون ٿا، امن نه هوندو ته ان جو اثر پاڪستان تي به پوندو. 03

الظواهري کي نشانو بڻائڻ لاءِ آمريڪا ڪهڙو ايئربيس استعمال ڪيو؟

اسلام آباد (پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا)  آمريڪا 4  ڏينهن اڳ افغانستان ۾ ڊرون حملو ڪري ايمن الزواهري کي ماري وڌو جنهن کانپوءِ آمريڪا ۾ اهڙي ڪاميابي تي جشن ملهايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڊرون حملي بابت افواهه ۽ سوال  به گردش ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ  سوشل ميڊيا جي اينڪر مخدوم شهاب جو چوڻ آهي ته سوال  اهو آهي ته آمريڪا ڊرون حملي لاءِ ڪهڙو ايئربيس ۽ هوائي حدون استعمال ڪيون؟ سينٽرل ايشيا ۾ ته روس  ۽ چين جو اثر آهي، انڪري ان پاسي جون حدون يا ايئربيس ته آمريڪا استعمال نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته ڪٿان به وضاحت نه پئي اچي، ياد رهي ته ڊرون حملي واري  عرصي دوران پاڪستان جي آرمي چيف جي آمريڪي ڊپٽي سيڪريٽري سان به فون تي آءِ ايم ايف پروگرام جي قسط ڏيارڻ لاءِ ڳالهه ٿي هئي، جنهن کانپوءِ نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته آمريڪا  ۽ پاڪستان ۾ انٽيليجنس معلومات هڪ ٻئي سان ونڊڻ ۽ هڪ ٻئي کي اعتماد ۾ وٺڻ جي حد تائين ته سهڪار ٿيو هوندو باقي  ان کان وڌيڪ پاڪستان ڪابه سهولتڪاري نه ڪئي هوندي.

ايمن الظواهري مارجڻ بعد آمريڪي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا پنهنجي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ القاعده جي سربراه ايمن الظواهري جي مارجي وڃڻ بعد پرڏيهه ۾ ترسيل آمريڪي شهري امڪاني طور تي آمريڪا مخالف پرتشدد واقعن کان هوشيار رهن. برطانوي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي هڪ بيان ۾ پنهنجي شهرين کي خبردار ڪندي چيو آهي، ته القاعده جي سربراه جي موت بعد القاعده جا حامي ۽ ٻيا دهشتگرد گروهه آمريڪي شهرين کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي، ته خدشو آهي ته ايمن الظواهري جي موت بعد آمريڪا مخالف تشدد جا امڪان وڌي ويا آهن

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.