وزيراعليٰ هائوس مان ايس ايس پي فرخ بشير غازي ڳوٺ پهتو، ڄاڻ ورتي

گلشن اقبال(ن ع آ) عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ کي مسمار ڪرڻ خلاف وزيراعلي هائوس مان ايس ايس پي فرخ بشير عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ پهچي گهرن کي مسمار ڪرڻ جو جائزو ورتو ان موقعي تي صحافي شفقت نوناري فرخ بشير کي بلڊر مافيا ۽ سچل پوليس جي ملي ڀڳت خلاف آگاهه ڪيو ۽ عورتن تي پوليس فائرنگ، شيلنگ بابت ڄاڻ ڏيندي چيو واقعي کانپوءِ وزيراعلي سنڌ طرفان پوليس ۽ روينيو عملدارن کي معطل ڪرڻ مان ثابت ٿي ويو آهي ته ڳوٺ کي مسمار ڪندڙ اهلڪار غلط هئا ايس ايس پي چيو ته اسين صرف ڳوٺ ڏسڻ آيا آهيون ۽ جاچ ڪري اصل حقيقتن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين.

نينسي پلوسي جي تائيوان آمد، چين جو آمريڪا سان سخت احتجاج

بيجنگ(م ڊ) آمريڪي نمائندن واري ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي گادي واري شهر تائپي ۾ تائيوان جي صدر سائي انگ وين سان ملاقات ڪئي آهي، هوءَ تائيوان جي سرڪاري دوري تي آهي جنهن جي چين شديد مخالفت ڪري رهيو آهي، هوڏانهن  چين آمريڪي نمائندواري ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي جي تائيوان جي دوري تي بيجنگ ۾ مقرر آمريڪي سفير نڪولس برنز کي طلب ڪري احتجاج ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ تقريب، برسات دوران فوت ٿيلن جي وارثن ۾ چيڪ ورهايا ويا

ڪراچي(رپورٽر)وفاقي ۽ صوبائي حڪومت تحت ڪراچي جي ڪمشنر آفيس ۾ ڪراچي ۾ تازين برساتن ۾ فوت ٿيلن جي پونئرن ۾ امدادي رقم ورهائي وئي. تقريب ۾ وفاقي وزير شيري رحمان ، مير عامر مگسي،کيئل داس ڪوهستاني، رسول بخش چانڊيو ۽ ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪراچي جي سڀني ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ، پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. ان موقعي تي ماحوليات بابت وفاقي وزير شيري رحمان خطاب ڪندي چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت هن مشڪل گهڙي ۾ عوام جي ڏک سور ۾ ساڻن گڏ بيٺي آهي ۽ جيڪا به ممڪن مدد ٿي سگهي ٿي اها ڪئي ويندي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب سنڌ ۾ برسات جو هڪ وڌيڪ سلسلو شروع ٿي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ سڀاڻي  استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير آئيني قدمن جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جمعي تي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. حڪومت استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اھتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون  ڪڊيون وينديون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.