غازي ڳوٺ ۽ ٻين وسندين کي ڊاھڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جا مظاهرا ۽ ڌرڻا

حيدرآباد/ڪراچي(نمائندن + پ ر) ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ ۽ ٻين وسندين کي ڊاھڻ خلاف ۽ مالڪاڻا حق ڏيارڻ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، وارھ، ننڍو، ماتلي، ڪشمور، گولاڙچي، ٺٽو، بدين، ميرپوربٺورو، شڪارپور، ڳڙهي خيرو، ڪڙيوگھنور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، ڄامشورو، مانجھند، ڪوٽڙي، ميرپورخاص شھدادپور، دادو، ملير، عمرڪوٽ، مٺي، ڏھرڪي، ٺل، لکي، لاڙڪاڻو سميت مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. احتجاج ۾ ايس يو پي  سميت ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. مظاهرين مطالبو ڪيو ته غازي ڳوٺ جي رھواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، ٻي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪراچي ۾ قائم ڳوٺن کي ائين تباھ ڪيو پيو وڃي جيئن اسرائيل فلسطينين جي سرزمين سان ڪري رهيو آهي. سنڌ جي قديم وسندين کي مسمار ڪري ان تي ناجائز قبضن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪراچي ۾ پوليس ۽ بلڊر مافيا جي ذريعي بندوق جي زور تي غازي ڳوٺ کي مسمار ڪيو پيو وڃي. ڪي ڊي اي اسڪيم 33 ۾ غازي ڳوٺ کي شهري ليز ڏني وئي ھئي، يوٽيلٽي بل به جاري ڪيا ويندا رھيا آھن، پر هاڻي ڇو ته اتي قيمتون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن، پوليس ۽ هٿياربندن ذريعي غازي ڳوٺ جا ٻيھر نوان ڪاغذ ٺاهي زمينن تي قبضو ڪرايو پيو وڃي. غازي ڳوٺ ۾ رهندڙ سوين مقامي رهواسين کي پوليس گردي جي ذريعي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ جن ماڻھن مزاحمت ڪئي انھن تي دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته غازي ڳوٺ تي چڙھائي پرڏيهين کي آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي. سنڌ جون سموريون زمينون داءُ تي لڳل آهن. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي مفادن لاءِ ڪراچي ۾ لکين ايڪڙ زمين بلڊر مافيا کي ڏني آهي اسان سنڌ جي ڊيمو گرافي، قدرتي وسيلن ۽ زمين جي ملڪيت ۾ ردوبدل ۽ تبديلي تي ڪنھن  به صورت  ۾ سمجهوتو نه ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ڌرتي جا اصل وارث سنڌي آھن، جن کي ڪراچي ۾ مالڪي، رھائش، تعليم ۽ ڪاروبار ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آھي. سرڪار جي ذميداري آھي تـ شھرين کي تحفظ ڏي، قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته ڳوٺن تي حملو ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ غازي ڳوٺ سميت سڄي سنڌ جي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جا سمورا ڳوٺ پڪا ڪري، وارثن کي رجسٽريون ۽ ريڪارڊ آف رائيٽس ۾ کاتا رکي ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.