صدر جو آرمي چيف سان ٽيليفونڪ رابطو، بلوچستان حادثي تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ بلوچستان حادثي تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آرمي چيف سان بلوچستان هيلي ڪاپٽر حادثي تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون پاڪستان آرمي ۽ شهيدن جي پونئيرن سان گڏ آهن. صدر پونئيرن سان تعزيت جي اظهار لاءِ سندن رهائشگاهه تي ويندو.

نائين ۽ ڏهين محرم تي عام موڪل جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف عاشوري جي موقعي تي نائين ۽ ڏهين محرم الحرام تي عام موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب نائين ۽ ڏهين محرم الحرام 8 ۽ 9 آگسٽ 2022ع تي عام موڪل هوندي جنهن جي وزيراعظم باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.