نوڪري ڪريو، ڪنهن جي غلامي نه ڪريو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪوثر سلطانا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي اينٽي ڪرپشن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران عدالت اينٽي ڪرپشن عملدارن کي ڇنڊ پٽي، عدالت حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪندڙ اينٽي ڪرپشن عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت رمارڪس ڏنا ته نوڪري ڪريو، ڪنهن جي غلامي نه ڪيو، جيڪو ڪجهه ڪريو پيا اُها ته غلامي آهي. عدالت حليم عادل شيخ جي درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٻڌڻي 17آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن ٽيم ڄامشوري مان اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪيو هو، حليم عادل شيخ گرفتاري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.