عمران خان ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿيو: بلاول

اسلام آباد (م ڊ ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور قرار ڏئي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري لکيو  ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد عمران خان ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿيو آهي ۽ سندس بيانيو ڪوڙو نڪتو. هن چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن کي جاچ کان روڪڻ لاءِ ڪريل حربا استعمال ڪيا پر هو قوم جي اڳيان وائکو ٿي ويو، جيڪو شخص ڪوڙو حلف نامو اليڪشن ڪميشن کي ڏئي اهو صادق ۽ امين نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير چي ته پي ٽي آءِ جي بنياد ئي ڪرپشن تي رکي وئي هئي، پرڏيهي فنڊن لاءِ پرڏيهي سازش جو نعرو لڳائڻ پي ٽي آءِ جي منافقت هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.