وفاقي سرڪار وٽ ڪنهن پارٽي ٽوڙڻ جو اختيار ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي سرڪار وٽ ڪنهن پارٽي ٽوڙڻ جو اختيار ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو رد ڪندي، اسان ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته 84 سيٽون کڻندڙ 155 سيٽن واري پارٽي تي بندش جو مطالبو ڪري رهيا آهن. فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم جو آله ڪار بڻجي وئي آهي. هن قانون واري وزير جي چوڻ تي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو بدلايو.  03

بجلي  بلن ۾ سيلز ٽيڪس :واپڊا چيئرمين سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب

لاهور(بيورو+م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ واپارين تي بجلي جي بلن ۾ سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف دائر درخواست تي واپڊا چيئرمين سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس شجاعت علي خان مقامي واپاري ناصر سليمان جي درخواست تي شروعاتي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گزار موقف  اختيار ڪيو آهي ته هڪ يونٽ بجلي استعمال ڪرڻ واري ننڍي واپاري کي به بل موڪليو ويندو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت شماريات اداري کان ساليانو مهانگائي جي رپورٽ طلب ڪري. عدالت بجلي بلن ۾ سيلز ٽيڪس جي وصولي کي ڪالعدم قرار ڏي.

  مهانگائي ختم ڪرڻي پوندي: آفتاب شيرپائو اجلاس ۾ معاملو اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) حڪمران اتحاد جي اجلاس ۾ قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شير پائو چيو ته اتحادي حڪومت کي هاڻ ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، حڪومت کي مهانگائي جي جن کي هر صورت ۾ قابو ڪرڻو پوندو. مهانگائي سبب عوام پريشان آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.