ڪراچي ۾ کدڙن فقيرن جو ڌمال هڻي احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) کدڙن فقيرن جي تنظيم جينڊر انٽرايڪٽو الائنس جي اڳواڻ بنديا راڻي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌمال ھڻي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو، ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته کدڙن فقيرن لاءِ ڪم ڪندڙ جيئا فائونڊشن جو يو اين ڊي ڊي پاران پروجيڪٽ بند ڪيو ويو آهي جيڪا انصافي آهي، پروجيڪٽ بند ڪرڻ سان 1500 ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا خواجا سرا متاثر ٿيندا ۽ 20 خواجا سرا بيروزگار ٿي ويندا، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي سرڪار سميت سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته يو اين ڊي پي سان خواجا سراء جي معاملي تي ڳالھائي پروجيڪٽ فوري طور بحال ڪرائي معاشي قتل عام ۽ متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.