گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪو، 2 اهلڪار شهيد ، 2 زخمي

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي نبي بخش ٿاڻي جي حد گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪو، 2  پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا، اسپتال ذريعن موجب ڌماڪي ۾ 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 2 اهلڪار علاج دوران فوت ٿي ويا، فوتين جي سڃاڻپ صابر ۽ شهزاد جي نالن سان ٿي، زخمين ۾ سب انسپيڪٽر سعيد ۽ پوليس اهلڪار گوهر شامل آهن، جيڪي واقعي ۾ سخت زخمي ٿي پيا، جن جو اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي. سٽي ڊسٽرڪٽ پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته  دستي بم ڌماڪو 11 لڳي 20 منٽن تي پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ معائني دوران ٿيو، ڌماڪي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ڊي آءِ جي آصف اعجاز شيخ ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي واقعي واري ھنڌ پھچي صورتحال جو جائزو ورتو، ڊي آءِ جي آصف اعجاز شيخ موجب گارڊن پوليس ھيڊ ڪوارٽر جي مال خاني مان پوليس اھلڪارن 2 دستي بم ٻاھر ڪڍيا ته ان مان ھڪ جي پن نڪري وئي، جنھن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو، دھشتگردي جو ڪو به  عنصر ناهي، اھلڪارن دستي بم ٻاھر ڇو ڪڍيا؟ ان معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.

شهيد ٻن پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز، سعيد غني ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن شهزاد ۽ صابر جي جنازي نماز ۾شرڪت ڪئي، ٻن پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي وزير  سعيد غني، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي ڏکڻ شرجيل کرل ۽ ٻين پوليس ۽ رينجرز آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. جنازي نماز کانپوءِ صوبائي وزير شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن جي جنازي تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

دستي بم موچي جي دڪان ۾ ڦاٽو(ذريعا)، مال خاني جي صفائي دوران ڌماڪو ٿيو: شرجيل کرل

ڪراچي: پوليس ذريعن موجب هي دستي بم هٿيارن جي مال خاني ٻاهران موچي جي دڪان ۾ ڦاٽو آهي.ڊي آءِ جي شرجيل کرل جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اهو هڪ افسوسناڪ واقعو آهي . دستي بم ڪيس پراپرٽي هو، تازو برساتن کانپوءِ مال خاني جي صفائي ڪئي پئي وئي ته ڌماڪو ٿيو، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وئي، ڪراچي پوليس ترجمان مطابق ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ايس ايس پي سٽي گارڊن هيڊ ڪوارٽر پھچي صورتحال جو جائزو ورتو، ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

روسي ساخت جا بم پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪٿان آيا؟ اهم انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي ۾ گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪي جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيا آهن. پوليس ذريعن موجب بي ڊي ايس گارڊن ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪو گرنيڊ روسي ساخت جو هو ۽ اهي ٻئي بم هٿيارن جي مال خاني مان نه پر ڪنهن ٻئي هنڌ کان کڻي رکيا ويا هئا،  بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ موجب ڌماڪو غير ملڪي دستي بم جي ڌماڪي سبب پيش آيو، گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر جي مال خاني کي رڳو سرڪاري هٿيار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر هٿيارن جي رڪارڊ ۾ انهن 2 دستي بمن جي ڪا به داخلا ناهي، پوليس ذريعن موجب ان حوالي سان به جاچ ڪئي پئي وڃي ته دستي بم سان تاريخ ڇو جڙيل هئي، هٿيارن ۾ سرڪاري گرنيڊ، راڪيٽ، ڪلاشنڪوف ۽ بارودي مواد موجود آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ۾ موجود سرڪاري دستي بمن جو انگ مڪمل آهي، روسي ساخت جو دستي بم جي موجودگي سواليا نشان آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.