ملير ۾ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيءُ پٽ فوتملير ۾ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيءُ پٽ فوت

ملير (ڊ ر) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، موٽر سائيڪل سوار شاهه ٽائون واسي پيءُ پٽ فوت، ٽرالر ڊرائيور گرفتار، پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، خبر موجب اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار شاهه ٽائون واسي پيءُ پٽ عاقب رضا ولد ڪامران جمشيد ۽ افشان ولد عاقب رضا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي اسٽيل ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته فوتين جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.