وڏي وزير پاران ٿر ڪول مان 330 ميگاواٽ بجلي رٿا جو افتتاح

مٺي(رپورٽ: غازي بجير)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 330 ميگاواٽ حبڪو پاور پلانٽ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ اسان ڪاميابيءَ سان 990 ميگاواٽ ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ کي فراهم ڪري چڪا آهيون جيڪا نه رڳو وڏي ڪاميابي آهي پر اهو پاڪستان کي توانائيءَ جي سستي ۽ مقامي وسيلن ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير پڻ آهي،هن اها ڳالهه حبڪو ۽ ٻين ڀاڱي ڀائيوارن جي موجودگي ۾ ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ جي ڪوئلي تي هلندڙ پاور پروجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. مراد علي شاهه چيو ته سندس ٿر انرجي لميٽيڊ مان ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پهچائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪري فخر محسوس ٿيو،هن حبڪو ۽ ٻين پارٽنرز ايف ايف سي ۽ سي ايم اي سي ۽ پروجيڪٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون،جن ڪيترن ئي چيلنجز باوجود پروجيڪٽ کي حقيقت بڻايو،مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت هميشه ٿر کي پاڪستان جي انرجي سيڪيورٽي لاءِ بنيادي حيثيت سمجهيو آهي،سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن اسان بجلي جي پيداوار لاءِ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام ڪيا آهن،مراد علي شاهه چيو ته ٿر جي ترقي جو بنيادي محرڪ مقامي آبادي جي ڀلائي آهي،مراد علي شاهه چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي ترقيءَ سان مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ به مثبت تبديليون آيون آهن،ان موقعي تي چيئرمين حبڪو حبيب الله ۽ سي اي او ڪامران ڪمال پڻ خطاب ڪيو ۽ منصوبي جي شروعات ۾ درپيش مسئلن کي آگاهه ڪيو،ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير پاور پلانٽ ۽ ان جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو، جتي هن ڪمپيوٽرائيزڊ ڪنٽرولڊ پاور پلانٽ تي ڪلڪ ڪري بجلي جي پيداوار کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍيو، سنڌ جي وڏي وزير مائوس جي ڪلڪ سان 40 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ موڪلي ڇڏي ۽ آگسٽ جي آخر تائين 330 ميگاواٽ بجلي قومي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.