ڏوهه ثابت ٿيڻ ۾ 8 سال لڳا، سزا لاءِ ڪيترو وقت گهربل !

اسلام آباد (تبصرو: مطيع الله جان ) اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس جو  فيصلو ٻڌائڻ ۾ 8 سال لاڳايا، خبر ناهي ثابت ٿي ويل ڏوهن جي سزا  ۾ ڪيترو وقت لڳندو. ڇو ته ثابت ٿيل ڏوهن جي سنگينيءَ ۽ اهميت جي خبر تڏهن پوندي جڏهن جوابدارن کي ان جي سزا ٻڌائي ويندي، ڪيس جي پيروي ڪندڙ پي ٽي آءِ جي باني  ميمبر اڪبر  ايس بابر  ۽ سندس مددگار وڪيل سيد احمد حسن مطيع الله سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پي ٽي آءِ  يا عمران خان تي جيڪي الزام لڳايا اهي ثابت ڪرڻ ۾ سرخرو ٿياسين ۽ اهاڻي اهي الزام ڏوهه ثابت  ٿي چڪا آهن، سزا ڏيڻ اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن جو ڪم آهي، هاڻي بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ به آهي.

پي ٽي آءِ خلاف آپريشن  ۽  گرفتارين جو فيصلو

اسلام آباد (پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا) اليڪشن ڪميشن جي فيصلي  کانپوءِ  حڪمران اتحاد جو ٻه ڏينهن  اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ  خلاف آپريشن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي، جڏهن  ته عمران خان، عمران اسماعيل، شاهه فرمان، اسد قيصر ۽ ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ  سوشل ميديا جي اينڪر عمر  دراز گوندل جو چوڻ آهي ته مولا ناطارق  جميل ۽ اعجاز الحق پڻ اسٽيبلشمينٽ جا پيغام کڻي عمران خان سان مليا آهن، پر عمران خان جهڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ان بعد حڪمران اتحاد ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کي پي ٽي آءِ جي آفيسن تي ڇاپا هڻڻ ۽ گرفتاريون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته اسد عمر اڄ  اليڪشن ڪميشن خلاف شام 4 وڳي احتجاج واري سڏ کي ورجايو آهي ڇو ته حڪمران اتحاد اها پروپيگنڊا ڪري رهيو هو ته پي ٽي آءِ قيادت ڊڄي وئي آهي ۽ ڪوبه  احتجاج نه ٿيندو،  ان ڪري اسد عمر کي واضح ڪرڻو پيو ته ڊ ڄڻ وارا ناهيون احتجاج هر صورت ۾ ٿيندو.

سي پيڪ منصوبو مڪمل بند ڪرائڻ عمران جي ايجنڊا هئي!

اسلام آباد (تبصرو: ظفر نقوي ) اليڪشن ڪميشن جي فارين فنڊنگ ڪيس واري فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سياست جو سج  ته لهي ويو آهي ۽ سندن  پرڏيهي ايجنڊا به واضح ٿي رهي آهي. نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته عمران خان جي اصل ايجنڊا سي پيڪ منصوبو مڪمل طور بند ڪرڻ هو، ان سلسلي ۾ جڏهن ايڊووڪيٽ (ر)  ڪرنل انعام  الرحيم سان رابطو  ڪيو ته  هن ٻڌايو ته 2 نومبر 2016ع ۾ به عمران خان کي ڪٿان اشارو ٿيو هو ته چين مان هڪ قافلو گوادر اچي  رهيو آهي، قافلي ۾ وڏا ڪنٽينر شامل آهن، جن ۾ سامان ڀريل آهي، ان قافلي کي روڪڻو آهي ۽ واپس ٿيڻ تي مجبور ڪرڻو آهي، ان لاءِ عمران خان بنا ڪنهن جواز جي اعلان ڪيو هوته ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو، اسلام آباد کي مڪمل طور بند ڪيو ويندو ۽ سڄي ملڪ جا روڊ بند ڪيا ويندا نه اسڪول کلندا ۽ نه ئي اسپتالون کلنديون، ان جو مقصد ڄاڻايل قافلي کي روڪڻ هو. ايڊووڪيٽ انعام چيو ته مون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ته عمران خان پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملن جي ڪيس ۾ روپوش آهي، اهو ڪيئن ٿو سياسي سرگرميون ڪري جنهن تي عدالت چيف سيڪريٽري، آءِ جي، ڪمشنر ڊي سي ۽ سموري انتظاميا کي عمران خان کي به 30 نومبر تي طلب ڪيو ۽ احتجاج کان روڪي ڇڏيو،  عدالت حڪم ڪيو ته ڪابه  شاهراه، شهر  اسڪول يا اسپتال بند  نه ٿيندي، ان کانپوءِ عمران خان بني گالا تائين محدود رهيو ۽ مون ڏانهن ان وقت جي آرمي چيف هڪ  سينيئر آفيسر کي اماڻيو جنهن اچي چيو ته اوهان  کي عمران خان خلاف پٽيشن داخل  ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، مون چيو ته هڪ محب وطن شهري جي حيثيت ۾ مون فرض سمجهيو پيو ڪوبه مقصد نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.