نواز شريف جي واپسيءَ ۾ (ن) ليگ ئي رڪاوٽ!

لاهور (تجزيو: عمران شفقت) حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته نواز شريف جي وطن واپسيءَ  ۾ سندس ئي پارٽي رڪاوٽ آهي، اهو ئي سبب آهي جو 4 مهينا گذرڻ باوجود نيشنل ميڊيا تي نواز شريف جي تقرير يا پريس ڪانفرنس نشر نه ڪرڻ واري پابندي به ختم نه ٿي سگهي آهي. ڇو ته (ن) ليگ جو مضبوط  اشرافيا جو ڌڙو هن وقت بنا روڪ ٽوڪ عياشين ۾ مصروف آهي ۽  اسٽيبلشمينٽ سان به ٻٽ بڻيل آهي. کانئن ڪوبه پڇڻ وارو نه آهي. جيڪڏهن نواز شريف ايندو ته کائن پڇاڻو ٿيندو ۽  عياشيون ختم ٿي وينديون، ان ڪري اشرافيا جو ڌڙو اسٽيبلشمينٽ سان هٿ ۾ هٿ ڏئي ٻٽ بڻيل آهي نه ته اتحادي حڪومت هوندي ميڊيا تي نوازشريف  مٿان پابندي جو ڪوبه اخلاقي يا قانوني جواز نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.