نيوٽرلز جي گارنٽي تي چيف اليڪشن ڪمشنر لڳائڻ وڏي بيوقوفي هئي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نيوٽرلز جي گارنٽي تي سڪندر سلطان راجا کي چيف اليڪشن ڪمشنر لڳائڻ وڏي بيوقوفي هئي. اليڪشن ڪمشنر اسان کي فارن فنڊڊ چئي اسان جي توهين ڪئي آهي. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ جهڙي احمقاڻي رپورٽ ناهي ڏٺي، اليڪشن ڪميشن ٻه رپورٽون ٺاهيون، هڪ رپورٽ ڪنهن جي فرمائش تي شامل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊڊ آهي، اليڪشن ڪميشن حڪومت سان گڏ سازش ۾ ملوث آهي.هن چيو ته شهباز شريف، آصف زرداري چونڊن ۾ شڪست جي خوف سبب چونڊن جو اعلان نه پيا ڪن، اهي ملڪ نه رڳو پنهنجي دولت بچائڻ جو سوچي رهيا آهن، اسان چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، سڀني سيٽن تي چونڊون ڪرايون وڃن. سندس چوڻ هو اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته آرمي چيف ڪير ٿيندو يا هن ملڪ کي بحران مان ڪيئن ڪڍڻو آهي؟ فوج نيشنل سيڪيورٽي جو تمام وڏو حصو آهي، پاڪستان جي پوزيشن گذرندڙ ڏينهن سان هيٺ ٿيندي پئي وڃي، چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏيو ته اسان هر قسم جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. عمران خان اعلان ته اسان اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جڊيشل ڪميشن ۾ وينداسين، اسان اليڪشن ڪميشن سامهون پرامن احتجاج به ڪنداسين، ريڊ زون نه وينداسين. عمران خان چيو ته آمريڪا کي افغانستان ۾  ڊرون حملن لاءِ پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته قبائلي علائقا متاثر ٿيندا. هن چيو ته خبر ناهي ته ڊرون حملو پاڪستان جي حدن مان گذريو آهي يا نه. طالبان حڪومت پاڪستان خلاف ناهي، اشرف غني جي حڪومت پاڪستان جي بدنامي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڇا نيوٽرلز کي نظر نه پيو اچي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مرحلي وار ننڍين چونڊن سان ملڪي معيشت ۾ بهتري نه ايندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي وياسين ته سازش مڃي وٺنداسين، اسيمبليون ٽوڙي چونڊون ڪرايون وڃن.  عمران خان چيو ته آرمي چيف جي مقرري کان وڌيڪ اهم جلد چونڊون آهن، نومبر جو سوچڻ کان اڳ هي سوچڻ گهرجي ته هاڻ ڇا ٿيندو. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ تائين ڳالهيون نه ٿينديون. هن چيو ته ڪنهن قانون ۾ ناهي لکيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کان فنڊ نه ٿا وٺي سگهجن. اليڪشن ڪميشن بيوقوفاڻا الزام لڳايا.  هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ جو ميمبر ٻن هنڌن تان پگهار وٺي پيو. هو سنڌ سرڪار جو ملازم آهي.  هن چيو ته حڪومت مونکي ڪهڙي ڳالهه تي گرفتار ڪندي. جيڪڏهن منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو پيو وڃي ته حڪومت جي مهرباني ٿيندي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جا وڏا وڏا سيٺ پاليل آهن، جن کان اهي پئسو وٺندا آهن، يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ اليڪشن ۾ پئسو استعمال ٿيو، ملڪ بچائڻ لاءِ تڪڙيون چونڊون ضروري آهن.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نيوٽرلز جي گارنٽي تي سڪندر سلطان راجا کي چيف اليڪشن ڪمشنر لڳائڻ وڏي بيوقوفي هئي.  عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقري تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ معاملو اٽڪي پيو ته نيوٽرلز سڪندر سلطان راجا جي گارنٽي ڏني، اها مڃڻ وڏي غلطي هئي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.