صدر علوي کان استعيفيٰ جو مطالبو،عمران کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي:حڪمران اتحاد

اسلام آباد (م ڊ) حڪمران اتحاد عمران خان جي نااهلي لاءِ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. نواز شريف هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وڃي ته ان ريفرنس کي فل ڪورٽ ٻڌي. وزيراعظم هائوس ۾ پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي نااهل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان کي نااهل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو، ريفرنس آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت داخل ڪيو ويندو. ان لاءِ وفاقي ڪابينا اڄ پابندي پيل فنڊنگ ثابت ٿيڻ واري فيصلي تي عمران خان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏيندي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ڪارروائي ۽ طريقي ڪار جو فيصلو به وفاقي ڪابينا ڪندي، تحريڪ انصاف جي بنا نالي اڪائونٽن ۽ ڪرمنل ڪيسن بابت ڪارروائي جو فيصلو به ڪابينا اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب عمران خان ۽ ٻي قيادت جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت به ڪابينا فيصلو ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف سميت ڪنهن کي به ريڊ زون ۾ احتجاج نه ڪرڻ ڏنو ويندو، ڪو احتجاج ڪرڻ چاهي ته ريڊ زون ٻاهران جتي به وڻيس ڪري. فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي اهليت بابت ريفرنس داخل ڪيو ويندو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويندو ته عمران خان ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرائڻ بعد هاڻي آرٽيڪل 62  ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، تنهن ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي. اجلاس ۾  ن ليگ قائد نواز شريف اتحادي جماعتن کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ پي ٽي آءِ خلاف ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وڃي ته ان ريفرنس کي فل ڪورٽ ٻڌي. نواز شريف چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا تي عدم استحڪام پيدا ڪندڙن سان رعايت نه ڪئي وڃي، عمران خان سي پيڪ کي رول بيڪ ۽ ڪشمير جو سودو ڪرڻ ۾ به سڌي ريت ملوث آهي. ان موقعي تي قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شير پائو چيو ته اتحادي حڪومت کي هاڻ ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، حڪومت کي مهانگائي جي جن کي هر صورت ۾ قابو ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اتحادي جماعتون سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف خلاف گڏجي جلسا ڪنديون، ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پ پ حيدرآباد ۽ سکر ۾ جلسا ڪندي. جي يو آءِ پشاور ۾، پختونخواهه ميپ ۽ بي اين پي مينگل ڪوئيٽا ۾ جلسا ڪندي، ن ليگ لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ جلسا ڪندي، جلسن ۾ اتحادي جماعتن جي سموري قيادت شريڪ ٿيندي. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عمران خان ۽ پي ٽي آءِ خلاف فرد جرم آهي، عمران خان کي پارٽي عهدي تان ۽ صدر عارف علوي کي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. اتحادي جماعتن جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ثابت ٿي چڪو آهي ته اهو پرڏيهي ايجنٽ ۽ هٿ ٺوڪيو آهي، رڳو عمران خان ڏوهي نه پر سڄو ٽولو ڏوهاري آهي. هن چيو ته عمران خان کي پارٽي جي عهدي تان ۽ صدر عارف علوي کي پنهنجي عهدي تان فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، عمران خان کي تاريخ ۾ عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته هن وقت مسئلو رياست جي بقا آهي، رياست جي بقا لاءِ رياست جي سڀني ذميوارن کي گڏجي ملڪ بچائڻو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.