پي ٽي آءِ جو اڄ احتجاج، اليڪشن ڪميشن آڏو اجازت نه ڏينداسين:وفاقي سرڪار

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج ڪري رهي آهي، جڏهن ته حڪومت اعلان ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ کي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پي ٽي آءِ عمران خان جي هدايت تي اڄ اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج ڪندي. عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو هو. ان سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ڪميشن آفيس ريڊ  زون ۾ اچي ٿي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي.  هن چيو ته رپورٽون آهن ته اتي پي ٽي آءِ وارا ڀڃ ڊاهه ڪندا. ان تي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا حڪم آهن ته ريڊ زون ۾ احتجاج جي اجازت ناهي. هن چيو ته ايف نائن ۾ جلسو ڪن، سيڪيورٽي سميت سهولتون ڏنيون وينديون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.