بلوچستان ۾ برساتن جو سلسلو جاري، وڌيڪ 15 ماڻهو فوت، لسٻيلي ۾ زلزلو

حب(ن ع آ) موسميات کاتي موجب بلوچستان جي شهر لسٻيلي ۽ ٻين علائقن ۾ 3.8 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا پر ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران قلات، چمن، زيارت، مستونگ، دالبندين، خضدار، لسٻيلي ۽ بارکان ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، پي ڊي ايم اي مطابق 24 ڪلاڪن ۾ فوتين جو انگ 15 ٿي ويو آهي، فوتين جو مجموعي انگ 164 ٿي ويو، فوتين ۾ 67 مرد، 43 عورتون ۽ 54 ٻار شامل آهن، مختلف حادثن ۾ 74 ماڻهو زخمي ٿيا، پي ڊي ايم اي جي انگن اکرن مطابق صوبي ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب 13 هزار 975 گهرن کي نقصان پهتو، 6 شاهراهون،16 پليون شديد متاثر ٿيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.