سنڌوءَ ۾ چاڙهه، رائونتي جو ڪچو ٻڏي ويو، سوين ماڻهو ڦاٿل، انتظاميا لاتعلق

رائونتي( رپورٽ: منير احمد شر)  سنڌو درياھ جي وھڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري سکر بئراج ۽ گڊو بئراج وٽ ھيٺانھين درجي جي ٻوڏ برقرار ھجڻ سبب رائونتي جي ڪچي جا مختلف ڳوٺ نور لکڻ ۔ابريو لکڻ ۔نظر محمد انڍ۔ڙ جيوڻ لکڻ۔ غازي چاچڙ ۔جاڙو شيخ سميت درجنين ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن جنھن سبب سوين علائقي واسي ۽ مال مويشي پاڻي م ڦاٿل آهن پر مليل ڄاڻ موجب ھن وقت تائين آبپاشيءَ کاتي جي عملدارن توڙي جو ضلعي حڪومت پاران ڪابه واھر نه ڪئي وئي آهي  ان سلسلي ۾ ڪچي جي رهواسين گل حسن لکڻ ۔وڏيرو شاھن لکڻ ۔استاد ڪليم الله لکڻ ۽ ٻين  جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي ۽ آبپاشيءَ کاتي جا عملدار ڪچي جي رهواسين کي انسان ئي نٿا سمجھن جو ھن وقت تائين ميڊيڪل ڪيمپ نه لڳائي وئي آهي نه ئي ڦاٿل ماڻھن لاءِ ٻيڙين جو بندوبست ڪيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.