سکر ۽ گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ

سکر ( رپورٽر) چشما بئراج ۽ تونسا بئراج تي وچولي درجي واري ٻوڏ ڊڪليئر، چناب نديءَ جو سيلابي پاڻي پنجند بئراج تان گڊو بئراج تي پھچي ويو گڊو بئراج تي اڄ خميس ڏھاڙي ھيٺين درجي واري ٻوڏ کان  وچولي درجي واري ٻوڏ ڊڪليئر ٿي ويندي سکر بئراج وٽ هڪ هفتي کان ننڍي درجي جي ٻوڏ برقرار  سکر ۽ گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ وارو سلسلو جاري آھي گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 61 هزار 95 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 31 هزار 943 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 4 هزار 860 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 69 هزار 550 ڪيوسڪ  ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 80 هزار 960 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 53 هزار 475 ڪيوسڪ آھي اھڙي پاڻي جي تيز وھڪرن جي صورتحال سبب سکر ۽ گڊو بئراج جي ڪچي واري علاءقن ۾پاڻي ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ بعد سبب ڪچي واري علائقن جا ماڻھون پڪي جي طرف رخ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.