سڪرنڊ: سنڌوءَ ۾ چاڙهه سبب پاڻي بندن کي پائڻ لڳو

سڪرنڊ(رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ تعلقي جي ڪچي واري علائقي مڏ منگلي وٽ ڳوٺ فتح پور ، حسن چانڊيو ، ولي محمد چانڊيو ۽ محرابپور جي رهواسين جو اڳوڻي يوسي چيئرمين خالد حسين چانڊيو ، اڳوڻي تعليم کاتي جي ايس ڊي او عبدالخالق چانڊيو ، علائقي جي معزز صنم خان چانڊيو ، سراج احمد چانڊيو ، سوشل ورڪر دلدار چانڊيو، سنڌ گروورس جي رضا چانڊيو، شمشاد ملاح ۽ ٻين سنڌو ڪناري وٽ احتجاج ڪندي چيو ته مڏ منگلي 106 مائيل وٽ بند جي پوزيشن تمام ڪمزور آهي. جيڪڏهن چار کان پنج لک پاڻي ڪراس ڪيو ته بند ٽٽڻ جو خطرو آهي جنهن سان سوين ڳوٺ ۽ سڪرنڊ شهر سميت هزار ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل تباهه ٿي ويندو ۽ جاني نقصان جو خطرو آهي. هن چيو ته اسان چونڊيل نمائندن کي پڻ آگاهه ڪيو آهي جن پڻ ايريگيشن عملي کي بند مضبوط ڪرڻ جو چيو آهي پر ايريگيشن عملي سواءِ ڳالهين جي ڪو به عملي ڪم ناهي ڪيو. نه پٿر لاٿو ويو آهي نه ئي ڪا تياري وغيره ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.