غازي ڳوٺ ۾ 17 هين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ، عوامي تحريڪ جو وفد ايڪتا لاءِ پهتو

گلشن اقبال(رپورٽ:شفقت نوناري)عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائزنگ ڪميٽي جي ميڊيا سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالله ٻپڙ، اقبال جروار، زبير نوناري ۽ اياز صالح پليجو سميت عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ غازي ڳوٺ ڪراچي پهچي غازي ڳوٺ جي متاثرن سان ملاقات ڪئي.  ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪراچي مان ڌرتي ڌڻين کي نيڪالي ڏئي ڌارين کي آباد ڪرڻ واري سازش کي سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو. غازي ڳوٺ تي چڙهائي جي ڪوريج ڪرڻ تي صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هنن چيو ته هڪ وڏي منصوبابندي تحت سنڌي قوم کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. هڪڙي پاسي غازي ڳوٺ جهڙا سنڌين جا پڪا ڪيل ڳوٺ، اعليٰ عدليا طرفان ڳوٺ نه ڊاهڻ جو اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ باوجود ڊاٺا پيا وڃن ته ٻي طرف وري افغانين ۽ ٻين پرڏيهين جون غيرقانوني طور ٺاهيل وسنديون پڪيون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو 17 هين ڏينهن به احتجاج جاري، احتجاجي ڪيمپ تي ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو عنايت کٽياڻ،ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، زبير نوناري ۽ ٻين جي شرڪت ڪري ڳوٺاڻن جي جدوجهد جي حمايت ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.