سکر( رپورٽ: اختيار علي چنا )سکر بئراج مان نامعلوم لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي بئراج جي 31 نمبر 42نمبر دروازن مان سيلابي وھڪرن ۾ لڙهي آيل 3 لاش هٿ آيا، مرد ٻه عورتن شامل، سکر بئراج مان اڍائي هفتن ۾ مليل لاشن جو انگ 31 ٿي ويو هڪ هفتي دوران 24 لاش هٿ آيا هئا، بئراج ۾ ڦاٿل لاش کي مقامي ٽوٻن جي مدد سان ٻاهر ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد ايڌي رضاڪارن نئين ڳوٺ قبرساتن ۾ دفنائي ڇڏيو .