جسقم پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ ريلين جو اعلان

حيدرآباد(پ ر) جسقم مرڪز  افغان پناهگيرن سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ مسلسل جدوجهد جي سلسلي ۾ 19آگسٽ تي ٽنڊو محمد خان ۽ 25 آگسٽ تي سجاول ۾ ڀرپور ريلين جو اعلان ڪري ڇڏيو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته وقت جا حڪمران سنڌ ۾ موجود افغان پناهگيرن سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس موڪلڻ ۾ سنجيده ناهن جيڪا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته سنڌ گهڻو ئي ڀوڳيو آهي، هاڻي سنڌ وڌيڪ ڌاري آبادڪاري کي برداشت نٿي ڪري سگهي تنهن ڪري بنا دير غير قانوني ڌارين کي سنڌ مان واپس پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.