”ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين سان ظلم نامنظور“ غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف ايس يو پي جا سڄي سنڌ ۾ مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) ڪراچي جي غازي ڳوٺ تي حملو ڪري عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪرڻ ۽ گهر ڊاهڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي بدين ۾ امير آزاد پنهور،  حيدر شاھ ،  دانش نور،  ماجد انصاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،امير آزاد پنهور چيو ته ڪراچي ۾ هڪ سازش تحت سنڌي ڳوٺن کي ڊاهي اتي بلڊر مافيا جي ذريعي غير سنڌين کي آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ، ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي مالڪاڻا حق ڏئي کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي، هوڏانهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پ پ شهيد ڀٽو، جسقم، پاڪستان روادري تحريڪ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. مظاهري ۾ ايس يو پي جي روشن ٻرڙو، جسقم جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پاڪستان روادي تحريڪ جي پنهل ساريو، قومي عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر گلزار جماڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ هٿ وٺي سنڌي وسندين کي ڊاهي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ جي سازش سٺي وئي آهي. ھنن چيو تھ 70 سالن کان سنڌ جي عوام کان ووٽ وٺندڙ پيپلز پارٽي سنڌ ۽ سنڌين کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهي. هنن چيو ته قومپرست پارٽيون سنڌ ۽ سنڌين جي حفاظت لاءِ هميشه اڳڀريون رهيون آهن ۽ رهنديون،سڪرنڊ ۾ شهمير جمالي، سٽي صدر قاسم سومرو، نالي واري ليکڪ غلام حسين جوڻو، چاڪر جلباڻي، بچل ڏهيو، قربان مگسي، محڪم لنڊ ،محمد خان گدارو، بشير ڪيريو، اظهار ملاح سکر۾   عيدن جاگيراڻي، حسيب جوڻيجو، اسرار جوڻيجو، سراج ڊوگر، عمران سامٽيو ،سيوهڻ ۾ محمد نواز رند،  مريد خان بروھي،  سٽي صدر عبدالحڪيم بڙدي،  امام علي جتوئي،  غلام فريد ٻگھيو،  نادر پرارو،  دودو انصاري،  علي بھار بڙدي،  ديدار ٻگھيو،  آصف جمالي شھدادڪوٽ ۾ حاڪم مستوئي، الھداد خشڪ ، فياض ميرجت ،سڪندر خشڪ  ٺاروشاھ ۾ڪامريڊ رضا بھڻ ،فرحان سومرو، ڪاشف سيال، نادر راڄپر ،ڀان سيدآباد ۾ ضلعي صدر درياء خان لغاري، علي اصغر سولنگي، سهيل ٻرڙو ، اصغر شاهاڻي ، علي رضا چنا جي  اڳواڻي ۾ ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊاهڻ خلاف سرڪاري اسپتال ڀان کان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان ڌرڻو هنيو، ڏهرڪي ۾ منير احمد، عمر ڀيو ۽ مڪيش ڪمار ، ڪنڌڪوٽ ۾ايس يو پي،ايس ٽي پي ۽ جساف جسقم پاران دلمراد ڏاهاڻي،اڪرم باجڪاڻي،والي ڏنو سنڌي،اي ڪي اوڳاهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪشمور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن شاد کوسو، هدايت الله جکراڻي، شاهگل مزاري، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فدا حسين محمداڻي عبدالغفور لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌي وسندين خلاف ٻيهر ڪو به جارحاڻو عمل ڪيو ويو ته ان جو رد عمل انتهائي خراب نڪرندو ۽ پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، خيرپور ناٿن شاهه ۾ ايس يو پي ضلع نائب صدر حسين آزاد لغاري ،غلام محمد گاڏھي. نظير احمد ٻٻر. جواد چانڊيو. راحب کوسو. امير حسن لغاري. .احمد شاه جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي ۾  ڪامريڊ شمشاد ميڻو، قاري وزير مجاهد، فياض علي سومرو، محمد موسيٰ منڱريو، عاشق حسين ٻگهيو،لاڙڪاڻي ۾  ڊاڪٽر مظهر مغل، صابر جروار، غلام رسول شيخ، طالب مغل، منظور شيخ، لياقت پنهور، خادم گهانگهرو، صدر ڀٽي، سليمان مڱڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جا قديمي سنڌي ڳوٺ ڊاهي اتي افغانين پٺاڻن ۽ ٻين ڌارين کي آباد ڪرڻ چاهي ٿي، هوڏانهن ملير ۾  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران مصطفيٰ چانڊيو، منير مگسي، عبدالرزاق شر، محمد علي بوزدار، منان شيخ، ڪاشف خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  اڳواڻن چيو ته  هن وقت تائين ڪنهن به عملدار کي ڪابه سزا نه ملي آهي نه ئي ڪا غير قانوني ڪاروائي ڪندڙ عملدارن خلاف انڪوائري ٿي آهي، اڳواڻن چيو ته احتجاجي ڪئمپ تي وزير اعليٰ سنڌ يا سندس ڪو نمائندو وزير يا انتظامي عملدار نه آيو آهي ۽ ڳوٺاڻن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، مانجهند تعلقي جي لاکا شھر ۾ علي نواز ڪنڀر اصغر علي ميمڻ حاڪم علي کوسو   جي اڳواڻي ۾   ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ امام الدين ڇڇر مولا بخش ڇڇر محمد حسن ڇڇر نبي بخش ڇڇر جي اڳواڻي ۾ منظور آباد ۾ حق نواز مڱڻھار واجد پهنور مدد علي سولنگي مانجهند ۾ يوسف عمراڻي اعجاز ميمڻ الهڏنو انڙ  جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار  احتجاجي مظاهرا ڪري مين چوڪ تي ڌرڻا هنيا ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.