قمبر(رپورٽ: محمود شيخ) دوست علي بنگلا ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ محمد علي گراماڻي ۾گذريل رات دير سان زمين تي ستل ڳوٺاڻي ممتازعلي ولد واحد بخش چانڊيو کي نامعلوم ماڻهن ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن صبح سان سندس لاش ڏسي حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد مقتول جو لاش کڻائي قمبرجي سرڪاري اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، پوليس پنهنجي طور جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.