جيڪب آباد ۾ گهٽي مان لنگهڻ تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل

جيڪب آباد (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ معمولي ڳالهه تي جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي. جيڪب آباد جي ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ حبيب الله ۾ برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي کان گذرڻ جي معمولي ڳالهه تي جهيڙو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سليم ۽ محراب موقعي تي فوت جڏهن ته ڇٽا خان ۽ بلند شديد زخمي ٿي ويا جنهن کي تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيو ويو آهي. مقتول جي وارث الياس ٻڌايو ته اسان جا ماڻهون ٻني کان واپس گهر اچي رهيا هئا ته رستي ۾ لڪيل هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي قتل ۽ 2 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن جي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.